سنڌ جي 3 سيڪريٽرين ۽ ڪمشنر بينظيرآباد سوڌو 8 ڪامورا 2024ع ۾ رٽائر ٿيندا
جنوري 3, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) شهيد بينظيرآباد جي ڪمشنر ، لائيو اسٽاڪ، ڪچي آبادي ۽ آبپاشي کاتن جي سيڪريٽرين سميت صوبائي سروس جا 20هين گريڊ جا 8 آفيسر هلندڙ سال سروس جو مُدو مڪمل ٿيڻ تي رٽائرڊ ٿيندا، ان ڏس ۾ سروسز کاتي جي اختيارين پاران وزيراعليٰ حوالي ڪيل رٽائرڊ ٿيندڙ آفيسرن جي لسٽ موجب سنڌ جي صوبائي سروس جي 3 سيڪريٽرين سميت هڪ ڊائريڪٽر جنرل، هڪ ايم ڊي ۽ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل آفيسرن سميت 8 آفيسر پنهنجي عمر جا 60 سال ۽ سروس جو مُدو مڪمل ٿيڻ بعد هلندڙ سال جي مختلف مهينن ۾ رٽائرڊ ٿي ويندا. لسٽ موجب ڪچي آبادي واري کاتي جو سيڪريٽري گھنور لغاري 16 جنوري، آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري نياز عباسي 14 مارچ، ليبر کاتي جو ڊي جي اختر قريشي 16 مارچ، لائيو اسٽاڪ کاتي جو سيڪريٽري حفيظ سيال 4 جون، موڪل تي ويل 20هين گريڊ جو آغا عبدالرحيم 13 آگسٽ، شهيد بينظير ڀٽو هائوسنگ سيل جو ايم ڊي رياض سومرو 28 آگسٽ، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20هين گريڊ جو امتياز شاھ 9 نومبر ۽ شهيد بينظيرآباد جو ڪمشنر سجاد حيدر شاھ 11 ڊسمبر تي رٽائرڊ ٿي ويندا.
آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر تي ڊبل پوسٽنگ جي نوازش
ڪراچي: سنڌ حڪومت جي آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر تي نوازش، ان حوالي سان سروسز کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب آبپاشي کاتي جي 20هين گريڊ جي سکر بئراج رائيٽ بينڪ (لاڙڪاڻي رينج) جي چيف انجنيئر سهيل بلوچ کي سکر بئراج ليفٽ بينڪ جي چيف انجنيئر جي اضافي ذميواري سونپي وئي آهي.
اروڙ جو وي سي ڊاڪٽر زاهد کنڊ لاڙڪاڻو ورسٽي جو پهريون وي سي مقرر
ڪراچي: سنڌ سرڪار اروڙ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر زاهد حسين کنڊ کي لاڙڪاڻو يونيورسٽي جو پهريون وائيس چانسلر مقرر ڪيو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.