سنڌ جي 4 ضلعن ۾ شڪار تي پابندي: شڪارين کي 115 ناياب يورل ۽ آءِ بيڪس مارڻ جي اجازت

نومبر 4, 2023

ڪراچي (رپورٽ: فقيرسليم) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ٿر پارڪر، سانگهڙ، نوابشاهه ۽ نوشهري فيروز ضلعن ۾ شڪار تي پابندي  لاڳو ڪندي  پرڳڻي ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي شڪارين کي  35 انچن جا سڱ رکندڙ 66  آءِ بيڪس (نر گڍ) ۽ 22 انچن وارا 49 يورل مارڻ/ ايڪسپورٽ  ڪري کڻي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي،  پرڏيهي شڪاري في يورل جي شڪار لاءِ  20 هزار ڊالر ۽ سنڌ آءِ بيڪس ( نر گڍ) مارڻ لاءِ  6000 هزار ڊالر ادا ڪندا، جڏهن ته ڏيهي شڪاري 4 لک رپيا ادا ڪري رڳو 5 سنڌ آءِ بيڪس شڪار ڪري سگهندا. ناياب جانورن جي شڪار مان ٿيندڙ  آمدني  جو 80 سيڪڙو  آءِ بيڪس ۽ يورل واري علائقي ( کير ٿر نيشل پارڪ ) ۽ اتي رهندڙ آباد ين جي ڀلائي تي خرچ ڪيو ويندو، ڪالهه  جهنگلي جيوت کاتي بابت ٿيل اجلاس ۾ وزير اعليٰ ماحولياتي سياحت کي هٿي وٺرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته  شهرين سان گڏجي جهنگلي جيوت لاءِ حفاظتي انتظام ڪيا وڃن وڏي وزير کاتي کي هدايت ڪئي ته سائيبيريا مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ پرديسي پکين جي تحفظ لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن. هن چيو ته لڏپلاڻ ڪندڙ پکي اسان جا مهمان آهن، انهن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي.

Leave A Comment