ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ مڪاني کاتي جي غفلت سبب 700 کان وڌيڪ يوسي سيڪريٽرين جون ٻن مهينن کان پگھارون بند آهن
ان ڏس ۾ ڪراچي جي 260 کان وڌيڪ يونين ڪاميٽين ۽ صوبي جي ٻين ضلعن جي 440 کان وڌيڪ يونين ڪائونسلن جي سيڪريٽرين پگھارون نه ملڻ تان لاڳاپيل اختيارين سان ملاقات ڪري پگھارن بابت شڪايت ڪئي
متاثر يوسي سيڪريٽرين جو چوڻ هو ته ٻن مهينن کان پگھارون نه ملڻ ڪري اهي بُکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون
هوڏانهن مڪاني ادارن واري کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرانزيڪشن وارو مُدو مڪمل ٿيڻ بعد نون اڪائونٽنس ۾ رقم جي منتقلي سبب دير ٿي آهي
اختيارين موجب هلندڙ مهيني سمورن يوسي سيڪريٽرين کي رهيل پگھارون ملي وينديون