8 آبپاشي انجنيئرن کان واڌو چارجز واپس: ترقيون ماڻيندڙڪامورا به رلي ويا

آگسٽ 23, 2023

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ ترقيون ماڻيندڙ ڪامورن، پروفيسرن ۽ استادن کي نئين پوسٽنگ اليڪشن ڪميشن جي منظوري سان مشروط، آبپاشي کاتي پاران تي مٿين عهدن تي مقرر ڪيل  توڙي اضافي چارجون ماڻيندڙ 12 ايس ڊي اوز ۽ ايڪسين پراڻن عهدن تي واپس ٿي ويا

 ان ڏس ۾ تعليم کاتي پاران ترقيون ماڻيندڙ هيڊ ماسترن ۽ اسسٽنٽ پروفيسرن جي نئين پوسٽنگ لاءِ اليڪشن ڪميشن کان اجازت وٺڻ لاءِ خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 تعليم کاتي جي اختيارين هڪ سرڪيولر جاري ڪندي  تازو ترقيون ماڻيندڙ هيڊ ماسترن توڙي اسسٽنٽ پروفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن جي پابندي سبب سندن مٿين عهدن تي مقرريون نه ٿيون ڪري سگھجن، انهي ڪري اهي پوسٽنگ لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ اچڻ جي زحمت نه ڪن

 سرڪيولر موجب تعليم واري نگران صوبائي وزير معرفت اليڪشن ڪميشن کي خط لکي کيس استادن جي ترقين بابت آگاهي ڏئي سندن مقررين جي اجازت ورتي ويندي، اليڪشن ڪميشن جي اجازت بعد  ترقيون ماڻيندڙن  جون مٿين عهدن تي مقرريون ڪيون وينديون

 ٻئي طرف آبپاشي کاتي جي اختيارين جاتي ڊرينيج سب ڊويزن جي اسسٽنٽ انجنيئر ڄيٺانند کان ايڪسين، ايس ڊي او ڪانتيش ڪمار کان گوني ڪئنال بدين جي ايڪسين ،  عمرڪوٽ سب ڊويزن جي ذوالفقار کوسو کان ٿر ڊويزن جي ايڪسين ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ٻلرام کان فلڊ پراجيڪٽ ڪراچي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي اضافي ذميواري واپس وٺي ڇڏي

ساڳئي ريت خيرالدين عباسي کان ايڪسين ٽيوب ويل ڊويزن هالا  ۽ عارف ميمڻ کان ايڪسين نصير ڪئنال جي اضافي چارج واپس ورتي وئي، ساڳئي ريت موتيو خان اوٺو کان لوئر پڃاري  سجاول ۽  وجئه ڪمار جا سدرن ڊويزن دادو جي ايڪسين جي ڏنل اضافي ذميواري وارا آرڊر رد ڪيا ويا آهن

Leave A Comment