سنڌ جي27 ايڊيشنل سيشن، سينئر سول ۽ سول ججن جون بدليون

سنڌ جي27 ايڊيشنل سيشن، سينئر سول ۽ سول ججن جون بدليون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي 27 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز، سينيئر سول ججز ۽ سول ججن جون بدليون، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شمس الدين جوڻيجو کي حيدرآباد مان بدلي ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو ويو, محمد علي کي پنو عاقل مان بدلي ڪري رتيديرو ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ  اينڊ سيشن جج مقرر ڪيو ويو، بلاول پيزادو کي رتيديرو مان ماتلي، خوشي محمد کي ماتلي مان بدلي ڪري ٽنڊو ڄام ۾ ايڊشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ڪيو ويو, گل محمد کي سيوهڻ مان بدلي ڪري هالا ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ڪيو ويو، عبدالستار کي حيدرآباد مان بدلي ڪري سيوهڻ مقرر ڪيو ويو, پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل سينيئر سول جج جنيد احمد کي سينيئر سول جج ۽ اسسٽنٽ سيشن جج سانگهڙ  مقرر ڪيو ويو, منصور کي سانگهڙ مان بدين، ڪاشف ڀٽي کي بدين مان ميرپور خاص ، منگها رام کي ميرپورخاص مان ڪراچي سائوٿ ۾ سينيئر سول جج مقرر ڪيو ويو, سينئر سول جج عباس مهدي کي ڪراچي سائوٿ مان بدلي ڪري سنڌ هاءَ ڪورٽ ۾ ڊپٽي رجسٽرار گزيٽ مقرر ڪيو ويو، صدرالدين مهر کي ڪراچي ايسٽ مان بدلي ڪري محرابپور، امتياز احمد ڀنڀرو کي دادو مان خيرپور،  وقار احمد جوڻيجو کي خيرپور مان ملير، وحيد احمد کي ملير مان جوهي، آفتاب احمد ٻگهيو کي جوهي مان ڪراچي ايسٽ ۽ محمد احسان کي محرابپور مان دادو ۾ سينيئر سول جج مقرر ڪيو ويو, محمد احسان کي محرابپور مان دادو، امتياز علي کي لاڙڪاڻي مان ڪراچي ويسٽ, عبدالباسط ڪلهوڙو کي ڪراچي ويسٽ مان قمبر، محمد سليم کي قمبر مان لاڙڪاڻي ۾ سينيئر سول جج مقرر ڪيو ويو, پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل جوڊيشل ميجسٽريٽ زوهيب احمد ڪوريجو کي جوهي، منصور قادر کي نوشهرو مان پنو عاقل, باسط علي کي پنو عاقل مان نوشهروفيروز, عبدالفتح جوڻيجو کي گهوٽڪي مان تنگواڻي ۽ عبدالستار کي نيو سعيد آباد ۾ مقرر ڪيو ويو.