سنڌ جي8 ترقياتي رٿائن ۾آيل خانگي زمين ۽ بي گهر ٿيندڙن جا تفصيل طلب

سنڌ جي8 ترقياتي رٿائن ۾آيل خانگي زمين ۽ بي گهر ٿيندڙن جا تفصيل طلب

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران مختلف کاتن کان ترقياتي منصوبن ۾استعمال هيٺ ايندڙ خانگي زمين جا تفصيل طلب، ان ڏس ۾ پلاننگ کاتي جي اختيارين ملير ايڪسپريس وي سميت زراعت، توانائي،آبپاشي ۽ مڪاني کاتن جي مختلف رٿائن ۾ خانگي ماڻهن جي ايندڙ ايراضي توڙي معاوضي جي ادائگي ۽ متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي انگ توڙي کين ٻيهر بحال ڪرڻ بابت سمورا تفصيل طلب ڪندي کاتي اندر ڊيسڪ پڻ قائم ڪئي آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  پلاننگ کاتي پاران توانائي کاتي جي سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ، آبپاشي کاتي جي سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پراجيڪٽ، سنڌ بئراجز امپرومينٽ پراجيڪٽ، سنڌ ويسٽ ايمرجنسي اينڊ ايفيشنسي پراجيڪٽ، ملير ايڪسپريس وي، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن، سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريهيبليٽيشن پراجيڪٽ سميت مختلف کاتن جي 8 منصوبن ۾ استعمال ٿيندڙ خانگي زمين جي ايراضي، انهي جي معاوضي، متاثرن جي ٻيهر بحالي  لاءِ تجويزن سميت تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، ان حوالي سان پلاننگ کاتي جي اختيارين ڄاڻايل منصوبن جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽرن توڙي اصل کاتن جي اختيارين ڏانهن خط لکي کين پابند بڻايو آهي ته منصوبن ۾ جيڪا خانگي زمين اچي ٿي، انهي  جي ايراضي بابت آگاهه ڪرڻ سان گڏ اهو به ٻڌايو وڃي ته ايراضي لاءِ ڪيترو معاوضو گھربل هوندو؟ انهن رٿائن سبب ڪيترا ماڻهو متاثر ٿيندا، کين ٻيهر آباد ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏنيون وڃن. خط ۾ لاڳاپيل اختيارين کي پابند بڻايو ويو آهي ته 10 جنوري تائين اهي سمورا تفصيل فراهم ڪيا وڃن. هوڏانهن پلاننگ کاتي جي اختيارين پاران الڳ ڊيسڪ به قائم ڪئي وئي آهي.