سنڌ جي9 تعليمي بورڊن جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ ڪاميٽي قائم

سنڌ جي9 تعليمي بورڊن جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ ڪاميٽي قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 9 تعليمي بورڊن جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي، ڪاميٽي ۾ ڪراچي انٽر بورڊ، شهيد بينظيرآباد ۽ سکر بورڊن جا چيئرمين ۽ يونيورسٽيز کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري شامل هوندا، ڪاميٽي ڊجيٽلائيزيشن، اي-مارڪنگ ۽ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر بابت وفاقي بورڊن سان رابطا ڪري گڏيل منصوبا بندي  ڪندي. ڪاميٽي آن لائين داخلا نظام،  ڊجيٽل مارڪ شيٽ ۽ اي-مارڪنگ نظام بابت سفارشون تيار ڪندي، ڪاميٽي کي ڊجيٽلائيزيشن لاڳو ڪرڻ لاءِ فني، مالي ۽ انتظامي گهرجن جو جائزو وٺڻ جي ذميواري پڻ سونپي وئي آهي.