سنڌ حڪومت ترقياتي پروگرام لاءِ 4کرب 10ارب رپيا مختص ڪري ڇڏيا

جُون 9, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي نئين بجيٽ جا تفصيل سامهون اچي ويا، حڪومت ترقياتي پروگرام لاءِ 4کرب 10 ارب رپيا مختص ڪري ڇڏيا

صوبائي بجيٽ ۾ 1937 نئين اسڪيمن لاءِ 88.273بلين  رپيا مختص ڪيا ويا آهن جڏهن ته ترقياتي بجيٽ ۾ صوبي ۾ جاري 3311اسڪيمن لاءِ 291.227 بلين رپيا مختص ڪيا ويا آهن

سنڌ حڪومت نئين مالي سال 2023-24ع جي بجيٽ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ  4کرب 10ارب رپيا مختص ڪيا آهن، ترقياتي بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ پرڏيهي امداد سان هلندڙ منصوبن لاءِ هڪ سئو ارب رپين کان وڌيڪ رقم رکي وئي آهي

بجيٽ جو فوڪس 2022 جي برساتن  ۽ ٻوڏ  دران تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي تي رکيو ويو آهي

بجيٽ ۾ صوبائي اي ڊي پي لاءِ 380.0 بلين رپيا ۽ ضلعي اي ڊي پي لاءِ 30بلين رپيا رکيا ويا آهن

Leave A Comment