| سنڌ حڪومت جلسن جلوسن ۽ ريلين تي پابندي ۾ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ جلسن، جلوسن ۽ ريلين تي لاڳو ڪيل پابندي ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي، گهرو کاتي طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. صوبي ۾ هر قسم جي احتجاج، جلسن، ريلين ۽ ڪن به 5 ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي، پابندي 12 ڊسمبر تائين لاڳو ٿيل هئي، جنهن ۾ هاڻي هڪ مهيني جي واڌ ڪئي وئي آهي، قانون جي خلاف ورزي تي ايس ايچ اوز ايف آئي آرون داخل ڪندا