سنڌ حڪومت جو اڄ آخري ڏينهن: مراد شاهه شام تائين اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري گورنر کي اماڻيندو: وزيراعليٰ هائوس مان سامان منتقل

آگسٽ 11, 2023

ڪراچي(رپورٽ:  شاهد ميراڻي) قومي کانپوءِ اڄ سنڌ اسيمبلي به ٽٽي ويندي، سنڌ جو وڏو وزير مراد شاهه اڄ گورنر سنڌ کي خط لکي صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سفارش ڪندو

 گورنر جي منظوري کانپوءِ رات 12 وڳي نوٽيفڪيشن ذريعي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ويندو، اسيمبلي ٽٽڻ بعد صوبائي وزير، صلاحڪار ۽ معاون فارغ ٿي ويندا، جڏهن ته وڏو وزير مراد شاهه نگران سيٽ اپ اچڻ تائين  ڪم ڪندو رهندو

 ذريعن موجب وزيراعليٰ مراد شاهه  نگران سرڪار جي جوڙجڪ لاءِ سڀاڻي اپوزيشن ليڊر سان رابطو ڪندو، اپوزيشن نگران وزيراعليٰ لاءِ اتفاق راءِ سان 3 نالا شارٽ لسٽ ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته حڪومت پاران اڃا تائين ڪوبه نالو سامهون نه اچي سگهيو آهي

 ان حوالي سان ايم ڪيو ايم جو وفد جاويد حنيف جي اڳواڻي ۾ فنڪشل ليگ هائوس پهتو، جتي نگران سيٽ اپ جي جوڙ جڪ جي حوالي سان مشاورت ڪرڻ بعد نگران وڏي وزير لاءِ پنهنجو گڏيل اميدوار آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو

 اجلاس ۾ شعيب صديقي، يونس ڍاگا ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي جا نالا شارٽ لسٽ ڪيا ويا، مشاورت کانپوءِ اڳواڻن چيو ته جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ سندن اتحادي گڏيل حڪومت ٺاهيندا

ميڊيا سان ڳالهائيندي جي ڊي اي اڳواڻ سردار رحيم چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي پاران گڏيل نگران سيٽ اپ  تي اتفاق ڪيو ويو آهي

 هن چيو ته وفاق پاران به اڃا تائين نالا سامهون ناهن آيا، ان ڪري وقت کان اڳ نگران حڪومت جا نالا ڏيڻ مناسب نٿا سمجھون، سنڌ حڪومت جو اڄ مُدو مڪمل ٿيندو، عوام ڇوٽڪاري جو ڏينهن ملهائيندو

هن چيو ته پيپلز پارٽي نوڪرين ۾ ڪرپشن جي بازار گرم ڪئي پر ايم ڪيو ايم جي درخواست تي عدالتي حڪم اچي ويو آهي. پ پ وارا سرڪاري نوڪرين لاءِ غريبن کان اوڳاڙيل رقم واپس ڪن

هن چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت  جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ سندن اتحادي جماعتن جي هوندي، هن ڀيري پيپلز پارٽي کي آئوٽ ڪيو ويندو

ٻئي طرف  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه پنهنجو ذاتي سامان سي ايم هائوس مان ذاتي رهائشگاهه تي منتقل ڪري ڇڏيو، صوبائي وزيرن به پنهنجن آفيسن ۾ پيل ذاتي سامان شفٽ ڪري ڇڏيو آهي

نگران دور ۾ سيڪريٽري، ڪمشنر ۽ ڊي سيز  تبديل ٿيندا

نگران سيٽ اپ اچڻ ي پهرين هفتي ۾ سيڪريٽرين، ڪمشنرن، ڊي سيز، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز    جي وڏي پيماني تي بدلين ۽ مقررين جو امڪان آهي

 ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ حڪومت جو اڄ آئيني مُدو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نگران حڪومت اچڻ بعد سمورن کاتن جي سيڪريٽرين، ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا جي وڏي پيماني تي بدلين ۽ مقررين جو امڪان آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جي سفارش تحت ئي بدليون ۽ مقرريون ڪيون وينديون

Leave A Comment