سنڌ حڪومت جي اجازت بنا آفيسرن ورڪس کاتي ۾ 175 ملازم ڀرتي ڪري ڇڏيا: اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد پگهار بند: جاچ شروع

جُولاءِ 10, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ورڪس کاتي ۾ سرڪار جي منظوري کانسواءِ هڪ کان 4 گريڊ جا 175 کان وڌيڪ ملازم ڀرتي ٿيڻ جو انڪشاف، سيڪريٽري ورڪس پاران غيرقانوني ڀرتين جي جاچ شروع ٿي وئي، اي جي سنڌ کي خط لکي گذريل هڪ سال کان مختلف ضلعن ۾ ڀرتي ٿيل ملازمن جون آءِ ڊيز نه کولڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

 ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ورڪس کاتي ۾ گريڊ هڪ کان 4 تائين جي 175 کان وڌيڪ ملازمن کي اعليٰ اختيارين توڙي سنڌ سرڪار جي اجازت بنا ڀرتي ڪرڻ جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي

 ذريعن موجب ٺٽي ۽ حيدرآباد ضلعن ۾اهڙيون ڀرتيون ڪيون ويون آهن، غير قانوني ڀرتين جو اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد ورڪس کاتي جي سيڪريٽري پاران ايگزيڪيوٽو انجنيئر اشفاق شاھ جي سربراهي ۾ جاچ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي

ڪاميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته غيرقانوني طور تي ٿيل ڀرتين جي جاچ ڪري، ڀرتيون ڪندڙ آفيسرن جي نشاندهي ڪري تفصيلي رپورٽ هڪ هفتي اندر جمع ڪرائي وڃي

ورڪس کاتي جي اختيارين مختلف وقتن تي ٿيل اهڙيون غيرقانوني ڀرتيون رد ڪندي، اڪائونٽنٽ جنرل (اي جي) سنڌ کي خط لکي سفارش ڪئي آهي ته گذريل هڪ سال کان ڀرتي ٿيل ملازمن جون آءِ ڊيز نه ٺاهيون وڃن،  کين پگھارون به جاري نه ڪيون وڃن

 ان حوالي سان ورڪس کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر نواز سوهو “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجي تازو سيڪريٽري طور پوسٽنگ ٿي آهي، مون غيرقانوني طور تي ٿيل سموريون ڀرتيون رد ڪري معاملي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي آهي

 هن چيو ته غيرقانوني ڀرتين ۾ جيڪو به آفيسر ملوث نڪتو، ان خلاف قانوني ڪارروائي ويندي

سنڌ جي 30 ضلعن ۾ گريڊ4 تائين ڀرتين جون تياريون مڪمل

سنڌ حڪومت پاران سمورن سرڪاري کاتن ۾ گريڊ هڪ کان 4 تائين جي ڀرتين وارو مرحلو آخري مرحلي۾ داخل، وڏي وزير جي حتمي منظوري شرط ئي لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن طرفان سمورن سرڪاري کاتن ۾ گريڊ هڪ کان 4 تائين جون ڀرتيون شروع ڪيون وينديون

 ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت پاران صحت، تعليم، مڪاني ادارن، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، معدني وسيلن، پاپوليشن، خوراڪ، زراعت، گھرو کاتي، ناڻي، ڪاليجز، اينٽي ڪرپشن سميت ٻين کاتن ۾ گريڊ هڪ کان 4 تائين ننڍن ملازمن جي ڀرتين وارو عمل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چُڪو آهي

 ذريعن موجب ته وڏي وزير سيد مراد شاھ جي حتمي منظوري کانپوءِ سمورن سرڪاري کاتن ۾ هيٺين گريڊ جي ملازمن جي ڀرتين وارو سلسلو شروع ٿي ويندو. 30 ضلعن ۾ ٿيندڙ انهن  ڀرتين لاءِ ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهي ۾ ڪاميٽيون قائم ٿيل آهن

ننڍن گريڊن ۾ ڀرتيون، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي ڪوٽا ڏني وئي!!

 ڀروسي جوڳن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب سنڌ سرڪار پاران  گريڊ هڪ کان 4 تائين جي ملازمن جي ڀرتين لاءِ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز  جي ڪوٽا مختص ڪئي وئي آهي، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز پاران سنڌ حڪومت وٽ جمع ٿيندڙ لسٽن تي ئي عمل ڪندي نوڪريون ڏنيون وينديون

Leave A Comment