| سنڌ حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون جو سوچي رهي آهي: ناصر حسين شاهه |
سکر/روهڙي (نمائندن وٽان) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت سمارٽ لاڪڊائون جو سوچي رهي آهي. سنڌ حڪومت سرڪاري گاڏين جو 60 سيڪڙو پيٽرول گهٽ ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم کي سنجيده ناهيون وٺندا. فيلڊ مارشل ائين بلڪل ناهي چيو ته اوهان ايران هليا وڃون، صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه روهڙي ۾ سنڌ جي جديد واٽر فلٽريشن پلانٽ جو دورو ڪيو ۽ منصوبي جي اڳڀرائي، فني پهلوئن ۽ ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده حالتون عام ناهن، جيڪڏهن ڊگهي جنگ هلي ٿي ته سڀ مشڪل ۾ اچي ويندا، جنهن ۾ پاڪستان به شامل هوندو. عوام کي آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي، بنا ضرورت جي عوام گهران نه نڪري. ٻارڻ بچائڻ لاءِ اسان کي ضروري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، انڊيا ۾ هن وقت گئس جي شديد کوٽ آهي. سنڌ حڪومت سمارٽ لاڪڊائون جي حوالي سان سوچي رهي آهي. جنهن متعلق روزانو ميٽنگس ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن عالمي سطح تي ڇڪتاڻ وڌي ٿي ته توانائي جا مسئلا به وڌي سگهن ٿا، تنهن ڪري اڳواٽ قدم کڻڻ لازمي آهن، پاڪستان هميشه پنهنجي برادر ملڪن سان گڏ بيٺو آهي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو، حڪومت سنڌ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي، هن چيو ته سرڪاري گاڏين جو 60 سيڪڙو پيٽرول گهٽ ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم جي ڳالهين کي اسان سنجيده ناهيون وٺندا، پ پ ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ ڏينهن رات ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي. ڪجهه عنصر بي بنياد پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ ڪا به حقيقت ناهي،حڪومت آئيني ذميوارين تحت عوامي خدمت ۾ مصروف آهي ۽ سڀني ادارن جو احترام ڪيو وڃي ٿو، سيد ناصر حسين شاهه چيو ته فيلڊ مارشل جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون سامهون آيون آهن، انهن ۾ وڏو تضاد آهي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ائين بلڪل ناهي چيو ته اوهان ايران هليا وڃون.. فيلڊ مارشل پرتشدد مظاهرا ڪرڻ وارن متعلق ڳالهه ڪئي. جيڪي اِن طرح جون غلط ڳالهيون ڪري رهيا آهن اِنهن کي اهڙين ڳالهين کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اِن کان اڳ صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه روهڙي ۾ سنڌ جي جديد واٽر فلٽريشن پلانٽ جو دورو ڪيو ۽ منصوبي جي اڳڀرائي، فني پهلوئن ۽ ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو۔ ان موقعي تي ميڊيا کي بريفنگ روهڙي سکر وچ ۾ نئين پل جي تجويز ڪيل منصوبي بابت پڻ آگاهي ڏيندي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته روهڙي شهر جي عوام کي صاف ۽ معياري پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم ۽ منفرد منصوبو جلد شروع ڪيو ويندو، جنهن تحت شهرين کي مفت صاف پاڻي مهيا ڪيو ويندو، هن منصوبي جي لاڳت لڳ ڀڳ 66 ڪروڙ رپيا آهي ۽ اهو منصوبو نه رڳو روهڙي پر ڀرپاسي وارن علائقن جي رهواسين لاءِ به نهايت فائديمند ثابت ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته صاف پاڻي جو هي منصوبو هڪ ماڊل پراجيڪٽ جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو سڄي سنڌ ۾ روهڙي کان شروع ڪيو پيو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه لينس ڊائون پل جي متبادل نئين پل جي منظوري جي تصديق ڪندي چيو ته هن منصوبي سان سکر ۽ روهڙي وچ ۾ آمد و رفت ۾ نمايان بهتري ايندي.