| سنڌ حڪومت عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو: ڀت سان لڳائيندئو ته احتجاج کانسواءِ ڪا واهه ناهي: آفريدي |
ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه) ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو وڏي دل وارا آهن، آئون سنڌ جي عوام جو ٿورائتو آهيان، جن هتي وڏي عزت بخشي آهي، سنڌ حڪومت مهمانن سان سٺو سلوڪ ناهي ڪيو، اجرڪ ۽ ٽوپي جي بي عزتي ڪئي وئي، اسان کي لاڳيتو ڀت سان لڳايو ويو ته اسان وٽ احتجاج کانسواءِ ڪا واهه نٿي بچي، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي هن چيو ته رڳو 26,27,28 ۽ 29 ترميمن جي ڳالهه ناهي، اسان سموري آئين جي بالادستي چاهيون ٿا، هن چيو ته سنڌ جو عوام غيرت مند ۽ مهمان نواز آهي، جنهن اسان جو بهترين استقبال ڪيو، ڪراچي ۾ هر قوم کي ويل ڪم (آجيان ) ڪيو آهي، هن چيو ته ملڪ جا قومي اثاثا نيلام ڪيا پيا وڃن، پي آءِ اي کي او ايل ايڪس تي نيلام ڪيو ويو، هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن حڪم ڏنو هو ته آئون پنهنجي قائد عمران خان سان جيل ۾ ملاقات ڪريان، انهي حڪم کي جيل سپرنٽينڊنٽ ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو، اها منهنجي نه پر عدليا جي بي عزتي آهي، هن چيو ته مون قائد سان ملاقات لاءِ چيف جسٽس کي خط لکيا پر ڪو به جواب نٿو ڏنو وڃي, اسان کي چيو ٿو وڃي ته اسان انتشار واري سياست ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته عمران خان حقيقي آزادي جي جنگ وڙهي رهيو آهي، هن چيو ته سمورين تحريڪن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جو اهم ڪردار رهيو آهي، آئون آئين ۽ قانون جي بالادستي خلاف نڪرندڙن سان گڏ هوندس، وڪيلن تي گولي هلائڻ کان اڳ ۾ آئون هوندس، هن چيو ته عزت، ذلت ۽ موت الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي ته پوءِ اسين انهن کان ڇو ڊڄون؟ حقيقي آئيني آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، هن چيو ته وڏو وزير هوندي منهنجو پاسپورٽ بلاڪ ڪيو ويو آهي، اهو ظلم آهي، اهي اهڙي عمل سان غلط ڪمن لاءِ ڀڙڪائي رهيا آهن پر اسان پر امن آهيو پر امن رهنداسين، ڪو به غلط ڪم نه ڪنداسين، هن چيو ته حڪمرانن جي غلط فيصلن سبب ملڪ ڏکي وقت مان گذري رهيو آهي، عوام ملڪ ڇڏي رهيو آهي، غربت وڌندي پئي وڃي پر انهن کي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي, هن وڌيڪ چيو ته قائد ( عمران خان ) جي پيغام تي اسٽريٽ گڏجاڻيون پيو ڪريان، هن چيو ته 26 ۽ 27 هين ترميمون آڻڻ کان اڳ اليڪشن 2024ع کي ڌاڙو لڳو، اسان کان چونڊ نشان ڦريو ويو، انشاء الله عوام جي طاقت سان ملڪ ۾ آئين جي بالا دستي ٿيندي، تقريب کي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر حسيب جمالي ، ڪراچي بار جي عامر نواز وڙائچ ۽ ٻين خطاب ڪيو،
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) ڪي پي جو وڏو وزير سھيل آفريدي سنڌ جو 4 ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ڪي پي روانو ٿي ويو، انهي کان اڳ سهيل آفريدي مزارِ قائد تي حاضري ڏني، هن فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي. مزارِ قائد تي تاثراتي نوٽ ۾ سهيل آفريدی لکيو ته بانيءِ پاڪستان قائداعظم محمد علي جناحؒ جا خيال اڄ به پاڪستان لاءِ رهنمائي جو سرچشمو آهن. هن چيو ته قوم ۽ رياستي ادارن کي قائداعظمؒ جي اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ آئيني رستي تي اڳتي وڌي سگهي. ھوڏانهن ڪي پي جو وڏي وزير سهيل آفريدی، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ سان گڏ پي ٽي آءِ ڪراچي ڊويزن جي سينيئر نائب صدر فهيم خان جي رهائشگاهه پهتو، جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سخت سوالن کان ڪو به مسئلو ناهي پر غلط سوالن جا جواب به مختلف هوندا آهن. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جو پيغام مليو ته ھو ملاقات نٿو ڪري سگھي، انھي ڪري ساڻس رٿيل ملاقات نه ٿي سگھي، سهيل آفريدي سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو آهي، اجرڪ ۽ ٽوپي جهڙين سنڌي روايتن جو مان نه رکيو ويو آهي.