سنڌ حڪومت هلندڙ مالي سال جي پهرين مهيني ۾ 30 ضلعن کي ترقياتي بجيٽ مان رپيو به جاري نه ڪيو: سموريون رٿائون بند

آگسٽ 1, 2023

ڪراچي (رپورٽ: سترام مهيشوري) سنڌ سرڪار هلندڙ مالي سال جو هڪ مهينو مڪمل ٿيڻ باوجود پرڳڻي جي 30 ضلعن کي ڊسٽرڪٽ اي ڊي پي مان هڪ رپيو به جاري نه ڪيو، جنهن سبب ضلعن ۾ هلندڙ رٿائون بند رهيون، جڏهن ته ڪي به نيون اسڪيمون شروع نه ٿي سگھيون

 ان ڏس ۾ ناڻي کاتي جي ذريعن ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال دوران هلندڙ اسڪيمن لاءِ 20 ۽ نين اسڪيمن لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا هئا

 ٻئي طرف آزاد ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳ ۾ ضلعي اي ڊي پي جا فنڊ لاڳاپيل ڊي سيز ذريعي خرچ ڪيا ويندا هئا، هن وقت مڪاني ادارا فعال ٿيڻ بعد اها رقم ڊي سيز بجاءِ مڪاني ادارن ذريعي خرچ ٿيڻي هئي، جنهن ڪري اهو معاملو رولڙي جو شڪار ٿي ويو

سنڌ جي ترقيءَ کي بريڪ : 385.5 اربن جي ترقياتي بجيٽ مان رڳو 1.67 ارب خرچ ٿي سگهيا

سنڌ سرڪار 385.5 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ مان رڳو 1.67 ارب رپيا  (0.43 سيڪڙو) خرچ ڪري سگھي

 ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب هلندڙ مالي سال 24-2023ع دوران سنڌ حڪومت 5256 ترقياتي رٿائن لاءِ  385.5 ارب رپيا رکيا هئا، جن مان 3311 هلندڙ رٿائن لاءِ 291.7 ارب رپيا رکيا ويا. 21 جولاءِ تائين انهن رٿائن لاءِ 84.89 ارب رپيا (29 سيڪڙو)  جاري ڪيا ويا، جڏهن ته لاڳاپيل کاتا جاري ڪيل فنڊن  جو رڳو 2 سيڪڙو يعني 1.67 ارب رپيا خرچ ڪري سگھيا

ساڳئي ريت نئين مالي سال ۾ 93.75 ارب رپين جي ماليت جون 1945 نيون اسڪيمون شروع ٿيڻيون هيون،21 جولاءِ تائين نئين اسڪيمن لاءِ  هڪ رپيو به رليز ئي نه ڪيو ويو، جنهن ڪري ڪنهن به نئين اسڪيم جو هڪ پٿر به رکجي نه سگھيو

ناڻي کاتي جي ذريعن موجب هلندڙ رٿائن تي رڳو 4 کاتا 2 سيڪڙو رقم خرچ ڪري سگھيا، جن مان آبپاشي کاتي پنهنجن هلندڙ رٿائن تي 218.61 ملين ۽ ڪئنال پڪا ڪرڻ تي 828.48 ملين، قانون کاتي 147.5، مڪاني کاتي 32.308 ۽ ورڪس کاتي 244.298 ملين رپيا خرچ ڪيا

هوڏانهن آزاد ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار پاران ترقياتي فنڊ رليز ڪرڻ باوجود وزير ۽ ڪامورا ٻڏتر ۾ هجڻ سبب رڳو هلندڙ رٿائن تائين محدود رهيا، جڏهن ته نيون رٿائون رڳو ٽينڊرز تائين محدود رهيون

شاگرد اسڪالر شپن، بيواهون ۽ بيمار امدادي فنڊ ۽ نياڻيون ڏاج فنڊ لا پريشان

سنڌ سرڪار پاران هلندڙ مالي سال جو هڪ مهينو گذرڻ باوجود شاگردن کي اسڪالر شپون، بيواهن ۽ بيمارن  کي امدادي فنڊ، نياڻين کي شاديءَ لاءِ ڏاج توڙي سڙي ويل گھرن لاءِ معاوضي جي مد ۾ هڪ رپيو به جاري نه ٿيو، جنهن سبب هزارين مستحق زڪوات، منارٽي ۽ تعليم کاتن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور هئا

Leave A Comment