ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ حڪومت هولي جو ڏڻ ملهائڻ تي پابندي وارو هيڪ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته تعليم واري وزير سردار شاهه نصاب ۾ هندو مذهب شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي
ان حوالي سان ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته اسان هيڪ جي فيصلي کي رد ڪريون ٿا ۽ ان جي مذمت ڪريون ٿا، هيڪ کي اهو اختيار ئي اختيار ئي ته هو هولي کان روڪي
سندس چوڻ هو ته آئون پاڻ هولي ملهائيندو آهيان، اسان ته هندو مذهب به نصاب ۾ پڙهائڻ وڃون پيا جنهن تحت هر شاگرد کي اهو حق هوندو ته هو رامائڻ پڙهي يا گيتا پڙهي سگهي ٿو
هن چيو ته هيڪ وارن کي خبر ئي ناهي انهن کي گهرجي ته هو پاڪستان ٺهڻ وقت قائداعظم محمد علي جناح جي تقرير ٻڌي وٺن
سيد سردار شاهه چيو ته سنڌ جي سدائين راويت رهي ته هو مذهبي رواداري سان هلي ٿي جنهن ۾ هر مذهب کي مڪمل آزادي حاصل آهي ته هو پنهنجا ڏڻ ملهائي
هن چيو ته هيڪ جو فيصلو سنڌ جي ثقافت، تهذيب جي توهين آهي، ڪنهن به يونيورسٽي جي پاليسي ان جي سينيٽ ٺاهيندي آهي
ٻئي طرف يونيورسٽيز اينڊ بورڊز سنڌ جي صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته پاڪستان جو آئين به ڪو مذهبي ڏڻ ملهائڻ کان نه ٿو روڪي ته هيڪ اسلام آباد ڪيئن ٿي روڪي سگهي
هن چيو ته گذريل سال هولي بابت غلط رپورٽ ڪيو ويو جنهن بعد هيڪ پاران اهڙي قسم جو پلان جوڙيو ويو هوندو
سندس چوڻ هو جيسيتائين ڪنهن به مذهبي ڏڻ سان ڪنهن ٻئي مذهب جي دل آزاري نٿي ٿئي ته ان جي ملهائڻ تي ڪابه پابندي نٿي لڳائي سگهجي