ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ سرڪار حيدرآباد، روهڙي ۽ ملير جي 3618 ايڪڙ زمين صنعتن ۽ ايجوڪيشن سٽي کي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو،، صوبائي ڪابينا پاران اڄ منظوري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس اڄ سڏائي ورتو ، اڄ صبح 11 وڳي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾اهم فيصلن جي منظوري ڏني ويندي
پاسڪو کان 5 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ، ڪراچي جي فلور ملن کي پاسڪو کان ڏياريل 2 لک ٽن ڪڻڪ جي ڊليوري چارجز جا 12 ڪروڙ رپيا سنڌ حڪومت پاران ادا ڪرڻ، نوري آباد پاور پلانٽ کي سبسڊي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو
اڄوڪي اجلاس ۾ لاڙڪاڻو صنعتي زون کي اسپيشل اڪنامڪ زون جو درجو ڏيڻ، يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو قائم ڪرڻ، گهرن کي سولر سسٽم فراهم ڪرڻ واري منصوبي لاءِ سبسڊي ڏيڻ، سنڌ ۾ گاڏين جون جديد فيچرز واريون نمبر پليٽس ۽ اسمارٽ ڪارڊ خريد ڪرڻ بابت فيصلا ڪيا ويندا
ڪابينا پاران نئين سنڌ سيڪريٽريٽ ٺاهڻ واري منصوبي بابت عدالتي آرڊر تي پڻ غور ويچار ڪيو ويندو. اطلاعات کاتي ذريعي براڊ ڪاسٽ ۽ سوشل ميڊيا مانيٽرنگ سروسز فراهم ڪرڻ واري منصوبي جي به منظوري ڏني ويندي
پي ڊي ايم اَي کي 19 ڪروڙ رپيا آئوٽ سائيڊ بجيٽ جاري ڪرڻ، صوبائي فنانس ڪميشن قائم ڪرڻ بابت فيصلا ڪيا ويندا
ذريعن موجب روهڙي تعلقي ۽ گنجو ٽڪر حيدرآباد ۾ سنڌ اڪنامڪ زونز مينيجمينٽ ڪمپني کي 851 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ، سنڌ سيڙپڪاري کاتي کي تعليمي مقصدن لاءِ ملير ضلعي جي ديهه چوهڙ ۾ 2767 ايڪڙ زمين 50 سيڪڙو رعايتي اگهه تي الاٽ ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني ويندي