سنڌ حڪومت پاران مارڪيٽن، شاپنگ مالز لاءِ وقت جي پابندي ختم

سنڌ حڪومت پاران مارڪيٽن، شاپنگ مالز لاءِ وقت جي پابندي ختم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران  مارڪيٽون، شادي هال، هوٽل ۽ ريسٽورنٽس سميت ٻين ڪاروباري سرگرمين لاءِ وقت  جي پابندي ختم ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت پاران باضابطه طور تي نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو، هوڏانهن سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سمورن دڪانن، مارڪيٽن، شاپنگ مالز، ريسٽورنٽس، فوڊ آئوٽ ليٽس، شادي ھالن ۽ مارڪيز کي وقت جي پابندي کان آجو ڪيو ويو آھي،  ھاڻي اهي پابندين کانسواءِ معمول موجب پنھنجي وقت آھر ڪم جاري رکي سگھندا. هن چيو ته مارڪيٽن، ريسٽورنٽس ۽ شادي ھالن لاءِ مخصوص وقت توانائي جي بچت ۽ ڪفايت شعاري جي پاليسي تحت مقرر ڪيا ويا ھُئا، واپارين ۽ صنعتڪارن جي تجويزن، مسئلن ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت اھو فيصلو ڪيو آھي ته ڪاروباري سرگرميون متاثر نه ٿين. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪاروباري سرگرمين کي ھٿي ڏيڻ، شھري سھولتن ۽ معيشت ۾ استحڪام تي يقين رکي ٿي، مشڪل معاشي حالتن ۾ به عوام ۽ ڪاروباري طبقي جي مفادن جو تحفظ يقيني بڻايو آھي ۽ آئينده به اھڙا فيصلا ڪيا ويندا جيڪي معيشت، روزگار ۽ ڪاروباري سرگرمين کي ھٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين.