سنڌ حڪومت پاران وڳوڙين کي سختي سان چٿڻ جو حڪم: شهرين کي روڪڻ جي جرئت ڪير به نه ڪري: مراد شاهه

مَي 10, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايتون ڏنيون آهن ته وڳوڙين کي سختي سان منهن ڏنو وڃي، وڏي وزير  طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن جا دورا ڪيا ويا، انتظاميه کي ضروري هدايتون ڏنيون، وڏي وزير مراد علي شاهه کي هدايت ڏني وئي ته وڳوڙين 2 بائوزرس، هڪ بس  ۽  چيڪ پوسٽ کي باهه لڳائي، مراد علي شاهه چيو ته وڳوڙين کي سختيءَ سان منهن ڏنو وڃي، پي ٽي آءِ وارا ڊبل ميسيجنگ ڪري  رهيا آهن، هڪڙا پرامن رهڻ ۽ ٻِيا ٻاهر نڪرڻ لاءِ ماڻهن کي ڀڙڪائين ٿا، وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته شهري ڪم ڪار تي وڃن،  ڪير ڪنهن کي روڪڻ جي جرئت نه ڪندو، سرڪاري يا خانگي ملڪيتن  کي نقصان پهچائيندڙن سان سختيءَ سان پيش اينداسين ٻئي طرف سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ عمران خان جي حمايت جي نالي تي ڪنهن کي به بدمعاشي يا غنڊه گردي ڪرڻ نه ڏني ويندي، پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ مظاهرن دوران ڀڃ ڊاهه ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، واپاري بنا خوف جي پنهنجو ڪاروبار جاري رکن. هن چيو ته پي ٽي آءِ پاران گذريل ڏينهن مظاهرن دوران سرڪاري ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو،  ڪنهن کي به بخش نه ڪنداسين. شرجيل انعام ميمڻ چيو وڌيڪ چيو ته عمران خان جي گرفتاريءَ تي اسان کي خوشي نه ٿي آهي، پر عمران خان کي ڪرپشن جي سنگين الزامن جو عدالتن کي جواب ڏيڻو پوندو.

Leave A Comment