سنڌ حڪومت پاران پاڻي ورڇ تي بي اعتمادي: نوان ڪئنال سوڪهڙو ۽ ڏڪار آڻيندا: مرادشاهه
مارچ 23, 2025
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته سنڌ جي زرخيز زمين لاءِ ئي پاڻي ناهي، پوءِ نوان ڪئنال ڪيئن ٺاهيا پيا وڃن؟ سنڌوءَ جو پاڻي ورهين کان انڊس ڊيلٽا تائين نه پهتو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي، سنڌ سرڪار ۽ عوام کي نوَن ڪئنالن تي شديد خدشا آهن، پاڻي جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورڇ سنڌ جو وجود خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، سنڌو درياءَ جو سڪل پيٽ زندگي ۽ زراعت لاءِ خطري جي گهنٽي آهن، سنڌوءَ تي نون ڪئنالن جي فيصلي سان پاڻي بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويندو، پيپلزپارٽي پاڻي معاملي تي سدائين اڳڀري هوندي آهي، سنڌوءَ جي پاڻي تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي ، هن وڌيڪ چيو ته پاڻي زندگي آهي، انهي جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي خبردار ڪيو ته پاڻي جي کوٽ زراعت ۽ معيشت لاءِ وڏو خطرو بڻجي رهي آهي. هن چيو ته پاڻيءَ جو بحران انھن ھارين ۽ مھاڻن کي سڌو متاثر ڪري رھيو آھي جن جي گذر سفر جو دارومدار سنڌوءَ درياھھ تي آھي. وڏي وزير نشاندهي ڪندي چيو ته سنڌو درياھھ جي گهٽ ٿيندڙ وهڪرن لکين ماڻهن جي روزگار کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. وڏي وزير پاڻي کوٽ جو ذميوار پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ موسمياتي تبديلي کي قرار ڏيندي سنڌ پنهنجي پاڻي جي حقن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندي. هن سنڌو تي نوان ڪينال اڏڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي تنبيھھ ڪئي ته اهڙا منصوبا سنڌ ۾ سوڪهڙي ۽ ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ڪندا. هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن هر صوبي کي سندس جائز حصو ملي. وڏي وزير چيو تھ جڏهن سنڌ جي زرخيز زمين اڳ ۾ ئي پاڻي کان محروم آهي ته پوءِ نوان ڪينال ڪيئن ٺاهي سگھجن ٿا؟. وڏي وزير انڊس ڊيلٽا جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته انڊس ڊيلٽا جو بچاءُ پاڪستان جي بقا لاءِ نهايت ضروري آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيتري ئي ورھين کان سنڌو درياءِ جو پاڻي ڊيلٽا تائين ناهي پهتو، جنهن سبب لکين ايڪڙ زمين سمنڊ کائي چڪو آهي. مراد علي شاهه يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت پاڻي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ مضبوط حڪمت عملي ترتيب ڏئي ڇڏي آهي. ھن عوام کي اپيل ڪئي ته پاڻي جي هر ڦڙي جي حفاظت لاءِ گڏجي جدوجهد ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو تھ اچو ته اڄ عزم ڪريون ته پاڻيءَ جي هر ڦڙي جي حفاظت ڪنداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي سدائين سنڌ جي پاڻي جي حقن جي دفاع لاءِ متحرڪ رهي آهي.