سنڌ حڪومت پاران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ کي پرائيويٽ ڪمپني ۾ بدلائڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت پاران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ کي پرائيويٽ ڪمپني ۾ بدلائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ کي پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني ۾ بدلائڻ جو فيصلو .ڪالھ  وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مرادشاهه جي صدارت هيٺ اجلاس  کي آگاهي ڏني وئي ته سنڌ جو پ پ پ پروگرام پاڪستان جي هڪ اهم صوبائي (سب نيشنل) پي پي پي قدم طور اڀري آيو آهي جنهن ۾ رستن ۽ پلن، ٽرانسپورٽ، اقتصادي زونن، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي، پاڻي، چوپائي مال، تعليم، صحت ۽ ماحوليات جي شعبن ۾ منصوبن جو هڪ وڌندڙ پورٽ فوليو شامل آهي. هن پروگرام کي گڏيل قومن جي اقتصادي ڪميشن براءِ يورپ يونيسيف پي پي پي فورم ۽ ‘دي ايسٽ انفراسٽرڪچر اوارڊز’ سميت بين الاقوامي پليٽ فارمن تي عالمي مڃتا ملي آهي. سنڌ جي پ پ پ پروگرام کي 2018ع ۾ ‘دي اڪنامسٽ’ پاران ايشيا ۾ ڇهين نمبر تي پڻ رکيو ويو هو. نه رڳو اهو پر پ پ پ يونٽ ٻين صوبن کي سندن پي پي پي فريم ورڪ ۽ پروجيڪٽ اسٽرڪچرنگ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فني ۽ قانوني سهڪار پڻ فراهم ڪيو آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته يونٽ جي پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني ۾ تبديلي پ پ پ منصوبن کي وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ هٿي ڏيڻ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ، حاصل ڪندڙ ايجنسين (پروڪيورنگ ايجنسيز) جي مدد ڪرڻ، کاتيوار پ پ پ نوڊس کي مضبوط ڪرڻ، پاليسيون ۽ هدايتون تيار ڪرڻ ۽ لاڳو ڪرڻ، صلاحيتون وڌائڻ ۽ پورٽ فوليو جي ڪارڪردگي جي نگراني ڪرڻ جي قابل بڻائيندي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته تجويز ڪيل ادارتي تبديلي کي عملي جامو پارايو وڃي ته جيئن آپريشنل رڪاوٽون ختم ڪري سگهجن، ماهر پيشه ور ماڻهن کي برقرار رکي سگهجي ۽ پ پ  منصوبن جي تياري ۽ عملدرآمد ۾ تسلسل کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موجوده پ پ  يونٽ کي محدود مقابلي واري معاوضي ۽ مراعتن ماهر عملي کي برقرار رکڻ ۾ چيلينج اچي رهيا هئا. ڪجهه کاتن ۾ مخصوص پروجيڪٽ امپليمينٽيشن يونٽس ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽرن جي غير موجودگي پڻ منصوبن جي پهچائڻ جي رفتار ۽ معيار کي متاثر ڪري رهي هئي. تجويز ڪيل پ پ پ پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي اسٽريٽجڪ سرگرميون انجام ڏيڻ، جتي ضرورت هجي اتي ايڪوٽي سيڙپڪاري ڪرڻ، مالي اوزارن  ذريعي سرمايو متحرڪ ڪرڻ ۽ پروجيڪٽ جي فنانسنگ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ وڌيڪ لچڪ هوندي. اها سرڪاري فنڊنگ کان هٽي ڪري، پنهنجي بورڊ جي منظوري ۽ نگراني جي تابع، متنوع آمدني جا ذريعا پڻ پيدا ڪري سگهندي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته نئين جوڙجڪ کي صوبائي کاتن ۾ پي پي پي نوڊس کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، باصلاحيت آفيسرن کي بااختيار بڻائڻ گهرجي، اهو يقيني بڻائڻ گهرجي ته احتساب تي سمجهوتو ڪرڻ کانسواءِ منصوبن تي ڪم تيزي سان ڪيو وڃي.