سنڌ حڪومت پاران چونڊن جي پوليس سيڪيورٽي تي 62 ڪروڙ 54 لک 67 هزار 37 رپين جي خرچ جو ڪاٿولڳايو ويو

جنوري 29, 2024

چونڊن جي پوليس سيڪيورٽي تي 62 ڪروڙ خرچ ظاهر

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران چونڊن جي پوليس سيڪيورٽي تي 62 ڪروڙ 54 لک 67 هزار 37 رپين جي خرچ جو ڪاٿولڳايو ويو آهي. 21ڪروڙ کاڌ خوراڪ ۽ 14 ڪروڙ 80 لک رپيا پيٽرول تي خرچ  ٿيندا، جڏهن ته ايڊيشنل فورس لاءِ خرچ جي مد ۾ 11 ڪروڙ 62 لک 5 هزار 310 رپيا، خانگي گاڏين جي بندوبست تي 5 ڪروڙ 48 لک 6 هزار 66 رپيا، سرڪاري گاڏين جي مرمت جي مد ۾ 5 ڪروڙ رپيا، مشنري جي مرمت تي 4 ڪروڙ 43 لک 9 هزار 350 رپيا، اسٽيشنري  تي 40 لک رپيا ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ 6 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا

حساس تي 6 ۽ انتهائي حساس تي 8 سپاهي مقرر ٿيندا

ڪراچي: سنڌ ۾نارمل پولنگ اسٽيشنن تي 4، حساس پولنگن تي 6 ۽ انتهائي حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشنن تي 8_8 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. ان حوالي سان پوليس اختيارين پاران اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ سرڪار کي پولنگ اسٽيشنن جي سيڪيورٽي ۽ اڻوڻندڙ واقعن کي منهن ڏيڻ بابت جوڙيل سيڪيورٽي پلان بابت آگاهي ڏني وئي آهي. سنڌ حڪومت حوالي ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هر ضلعي  ۾ ڪيو آرايف جا 200 اهلڪار، ۽ هر زون/ رينج  ۾ الڳ سان 100_100 اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. جيڪي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيندا، صوبي ۾ هڪ لک 15 هزار 30 پوليس اهلڪار،  7 هزار ڪيو آر ايف اهلڪار، 14 هزار فوجي جوان ۽ 10 هزار رينجر ز اهلڪار  مقرر ڪيا ويندا.

سنڌ جي 13 ضلعن ۾ سياسي ڪارڪنن ۾ دنگل جو الرٽ

ڪراچي: خيرپور، سانگھڙ، ميرپورخاص ۽ ڪراچي سميت 13 ضلعن ۾ اليڪشن ڏهاڙي جھيڙن جو امڪان ظاهر، مختلف ادارن پاران ماضي ۾ اليڪشن دوران مختلف ضلعن ۾ سياسي پارٽين ۾ ٿيل جھيڙن  بابت به سنڌ حڪومت کي تفصيلي آگاهي ڏني وئي آهي. ان حوالي سان اختيارين پاران سنڌ حڪومت حوالي ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عمرڪوٽ، ٽنڊي الهيار، خيرپور ۽ سانگھڙ ضلعن ۾ پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي، شهيد بينظيرآباد ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ پيپلز پارٽي، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ جھيڙن جو خدشو آهي. اهڙي طرح ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ وري پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم توڙي نواز ليگ وچ ۾ ماضي جي عام چونڊن ۾ جھيڙا ٿيندا رهيا آهن. هن ڀيري به ڪراچي ۾ ڄاڻايل پارٽين وچ ۾ جھيڙن جو امڪان ظاهر ڪندي اڳواٽ اپاءُ وٺڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

ڪورنگي، سائوٿ، سينٽرل، ڪياماڙي ۽ سٽي ضلعن جي صورتحال ڀيانڪ

ڪراچي: ڪراچي جي 5 ضلعن ۾ صورتحال ڀيانڪ، 5 ضلعن جون سموريون پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس يا حساس قرار ڏنل آهن. ان حوالي سان پوليس اختيارين پاران سنڌ حڪومت حوالي ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي جي ڪورنگي، سائوٿ، سينٽرل، ڪياماڙي ۽ سٽي ڪراچي ۾ سموريون پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس ۽ حساس قرار ڏنل آهن. جڏهن ته ويسٽ ضلعي جون سموريون پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏنل آهن. ويسٽ ۾ هڪ پولنگ اسٽيشن به حساس يا نارمل قرار ڏنل ناهي.

Leave A Comment