سنڌ حڪومت پاران ڪامورن جي آفيسن ۾ حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ ڪارروائيون تيز ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت پاران ڪامورن جي آفيسن ۾ حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ ڪارروائيون تيز ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران ڪامورن جي آفيسن ۾ وقت سر حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ ڪارروايون تيز ڪرڻ جو فيصلو، سنڌ سيڪريٽريٽ جي سمورن سرڪاري کاتن جي سيڪريٽرين، ايڊيشنل سيڪريٽرين، ڊپٽي سيڪريٽرين توڙي سيڪشن آفيسرن ۽ ٻئي عملي کي صبح جو آفيس وقت تي آفيسن ۾ حاضر رهڻ جو حڪم، لاڳاپيل اختيارين کي آفيسرن جي حاضري چڪاسي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ صوبي جي انتظامي مشنري هلائيندڙ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ کاتن جا انتظامي سربراھ يعني سيڪريٽري به مسلسل غيرحاضر هجڻ سبب مختلف ضلعن کان ايندڙ سائل پريشاني جو شڪار بڻجن ٿا، ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ صبح جو 9 وڳي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اوچتو دورو ڪيو هو جنهن دوران مڪاني کاتي جو سيڪريٽريٽري رفيق قريشي، لائيو اسٽاڪ کاتي جو سيڪريٽري ڪاظم جتوئي، ثقافت کاتي جو سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ، خوراڪ کاتي جو سيڪريٽري غلام عباس بلوچ، ليبر کاتي جو سيڪريٽري اسد الله ٻرڙو ۽ فاريسٽ کاتي جو سيڪريٽري نجب الدين سهتو پنهنجن آفيسن مان غير حاضر هئا، اهڙي صورتحال بعد وڏي وزير سيد مراد شاھ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سمورن کاتن جي سيڪريٽرين، ايڊيشنل سيڪريٽرين، ڊپٽي سيڪريٽرين، سيڪشن آفيسرن سميت آفيس سپرينٽنڊنٽس توڙي ٻئي عملي جي صبح 9 يا شام 5 وڳي تائين حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ اوچتو سندن آفيسن جا دورا ڪري حاضري چڪاسي وڃي،  غير حاضر رهندڙ آفيسرن کي شوڪاز ڏئي ڪارروايون ڪيون وڃن. وڏي وزير جي هدايتن تي لاڳاپيل اختيارين سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ روزانو جي بنياد تي آفيسرن جي سندن آفيسن ۾ موجودگي لاءِ مانيٽرنگ جو فيصلو ڪيو آهي.
 

مسواڙي بنگلن ۾ هلندڙ آفيسن ۾ ڪامورن جي اچڻ جو وقت ئي ناهي!
 

ڪراچي: سنڌ سيڪريٽريٽ کان ٻاهر مسواڙي بنگلن ۽ فليٽن ۾ هلندڙ آفيسن ۾ سيڪريٽرين جي آفيس اچڻ جو وقت ئي ناهي! سندن آفيسن ۾ ڪم سانگي ايندڙ سائل سڄو ڏينهن آفيسون ڳوليندا رهن ٿا. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب اسٽيٽ لائيف بلڊنگز، ڪلفٽن، ڊفينس ۽ شاهراھ فيصل تي مختلف کاتن جي سيڪريٽرين جون مسواڙي بنگلن ۽ فليٽن ۾ آفيسون قائم ٿيل آهن. جتي ڪڏهن به اعليٰ اختيارين پاران سندن حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ ڇاپو ناهي هنيو، سيڪريٽريٽ کان ٻاهر کاتن جي سيڪريٽرين تائين سائلن جي انٽري به تمام گھڻي ڏُکي هجي ٿي،  گھڻي ڀاڱي سائل سڄو سڄو ڏينهن سندن آفيسون ئي ڳوليندا رهن ٿا.
 

سنڌ سيڪريٽريٽ: ڪامورن جو انتظار ڪندڙ سائلن لاءِ “انتظار گاھه” ئي ناهي!
 

ڪراچي: سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪامورن جو ڪلاڪن جا  ڪلاڪ انتظار ڪندڙ سائلن لاءِ ڪا “انتظار گاھ” ئي ناهي، اهي گيلرين ۾ بيٺل رهن ٿا، جائزي موجب سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ مختلف کاتن جي سيڪريٽرين جي آفيسن ٻاهران يا سيڪريٽريٽ ۾ ڪا مُک انتظار گاھ ناهي، جتي سائل سڪون سان ويهي ڪامورن جي اچڻ جو انتظار ڪري سگھن.
 

“صاحب ميٽنگ ۾ آهي”: سنڌ سيڪريٽريٽ جو مقبول جملو
 

 ڪراچي: سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ “صاحب ميٽنگ ۾ آهي” وارو جملو عام طور تي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، ڪنهن به سيڪريٽري جي آفيس ٻاهران ڪو شڪايت باڪس نه لڳل ناهي