| سنڌ حڪومت پاران ڪراچي واسين جي تفريح لاءِ ڊرائيو ان سينيما بحال ڪرڻ جو فيصلو |
ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪراچي واسين جي تفريح لاءِ ٻيهر ڊرائيو ان سينيما بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ثقافت واري وزير ذوالفقار شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪراچي ۾ ڊرائيو ان سينيما بحال ڪرڻ ۽ ڪراچي کان سکر تائين ٽرين سفاري جو ٽيون مرحلو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جي آرٽس ڪائونسلن کي فعال ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. ترجمان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفا ناٿن شاهي لائبريري خيرپور ناٿن شاهه، مورو ڪلچر سينٽر ۽ لائبريري، ڪشمور پبلڪ لائبريري کي جلد عوام لاءِ کوليو ويندو، اجلاس ۾ گورک هِل اسٽيشن تي گورک فيسٽيول ڪرائڻ، ڪينجهر ڍنڍ تي فيري ۽ واٽر اسپورٽس سروسز شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ ضلعي سطح تي ثقافتي تقريبون ۽ نمائشي پروگرام ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته ڊرائيو ان سينيما گهرن کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته سياحتي ۽ ثقافتي مرڪزن کي وڌيڪ بهتر بڻائي عوام کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته فنڪارن، اديبن ۽ شاعرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ آسان نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي، هن چيو ته سنڌ جي سياحتي مرڪز گورک هِل اسٽيشن تي ترقياتي ڪم سياحن کي سهولت فراهم ڪندا. صورتحال بهتر ٿيڻ کانپوءِ گورک فيسٽيول ڪيو ويندو.