سنڌ حڪومت پاران گريڊ 5 کان 15 تائين خالي جاين تي ڀرتيون شروع ڪرڻ جو اعلان

سنڌ حڪومت پاران گريڊ 5 کان 15 تائين خالي جاين تي ڀرتيون شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت گريڊ 5 کان 15 تائين خالي جاين تي ڀرتيون شروع ڪرڻ جو اعلان، 2 سالن کان ڀرتين تي لاڳو پابندي ختم ٿيڻ بعد سمورن سرڪاري کاتن ۾ گريڊ 5 کان 15 تائين ڀرتين وارو عمل شروع ڪرڻ لاءِ سمورن کاتن جي سيڪريٽرين ۽ ٻين ادارن جي سربراهن کي خط لکي هدايتون جاري ڪيون ويون، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ حڪومت سمورن سرڪاري کاتن ۽ سندن ماتحت ادارن ۾ گريڊ 5 کان 15 تائين جي سرڪاري نوڪرين تي لاڳو ٿيل پابندي 31 آڪٽوبر تي ختم ڪري ڀرتيون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين سمورن کاتن جي سيڪريٽرين، ايڊيشنل چيف سيڪريٽرين، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن سميت ٻين ادارن جي سربراهن کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل کاتن ۾ گريڊ 5 کان 15 تائين ڀرتين وارو عمل شروع ڪيو وڃي، خط ۾ واضح ڄاڻايو ويو آهي ته 31 آڪٽوبر تي سرڪاري نوڪرين تان پابندي ختم ٿيڻ بعد هاڻي ڀرتين وارو سلسلو قاعدن موجب شروع ڪيو وڃي ته جيئن سرڪاري کاتن ۾گريڊ 5 کان 15 تائين جي خالي پيل جاين کي ڀري سگھجي.