سنڌ حڪومت پاران 14سرڪاري ترجمانن کي قانوني حيثيت ڏيارڻ لاءِ قانونسازي جو فيصلو

سنڌ حڪومت پاران 14سرڪاري ترجمانن کي قانوني حيثيت ڏيارڻ لاءِ قانونسازي جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران 14 سرڪاري ترجمانن کي قانوني حيثيت ڏيارڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻ جو فيصلو، ترجمانن جي مقرري، اختيارن، فرضن، پگھارن، الائونسز ۽ ٻين مراعتن بابت بل آڻڻ تي غور ويچار شروع ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب تجويز ڪيل نئين قانون ۾ سرڪاري ترجمانن جي مقرري، اختيارن، ذميوارين ۽ مراعتن بابت قانوني ڍانچو متعارف ڪرايو ويندو. ذريعن موجب  قانون جو مقصد ترجمانن جي ڪردار کي قانوني حيثيت ڏيڻ آهي. ذريعن موجب ته سرڪاري ترجمانن جي پگهارن، الائونسز ۽ مراعتن کي وڏي وزير جي خاص معاونن جي پگهارن سان گڏائڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته سنڌ حڪومت جي ”رولز آف بزنس“۾ سرڪاري ترجمانن لاءِ ڪا به باضابطه گنجائش موجود ناهي. سنڌ جي وڏي وزير پنهنجا انتظامي اختيار استعمال ڪندي سرڪاري ترجمان مقرر ڪيا هئا، ان ڏس ۾  جولاءِ 2024 ۾ 6 ۽ جنوري 2025 ۾ وڌيڪ 8 ترجمان  مقرر ڪيا ويا، انهن ترجمانن مان 4 سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر، 2 ميئر (ڪراچي ۽ سکر) ۽ باقي 8 اڻ چونڊيل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل بل  غور ويچار لاءِ جلد سنڌ ڪابينا آڏو پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.