| سنڌ حڪومت پاران 3 لک ٽن پرڏيهي ڪڻڪ گهرائڻ جو اعلان |
ڪراچي(رپورٽ: شاھد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران 3 لک ٽن پرڏيهي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪاميٽي جو اجلاس خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب ۽ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ جي گڏيل صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ ۾ ڪڻڪ جي درآمد لاءِ تجويز ڪيل ٽي طرفي معاهدي جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو. اجلاس کي مخدوم محبوب ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا جي فيصلي موجب صوبائي حڪومت 300,000 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪندي. انهي لاءِ وفاقي وزارت کي باضابطه درخواست پڻ موڪلي آهي. ڪاميٽي فيصلو ڪيو ته وفاقي حڪومت کي 15 ڊسمبر کان اڳ ڪڻڪ جي درآمد کي يقيني بڻائڻ جي درخواست ڪئي وڃي. اجلاس ۾ پاسڪو کان ڪڻڪ جي خريداري جي معاملي جو جائزو وٺندي اهو فيصلو ڪيو ويو ته صرف مقرر ڪيل معيارن تي پورو لهندڙ استعمال لائق ڪڻڪ ئي خريد ڪئي ويندي. وڌيڪ فيصلو ڪيو ويو ته پاسڪو کان ورتل هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڪراچي ۽ 90 هزار ٽن حيدرآباد ۾ ذخيرو ڪئي ويندي.