سنڌ حڪومت پاران 366000 آبادگارن ۽ 10800 بسن لاءِ 5 ارب سبسڊي منظور

سنڌ حڪومت پاران 366000 آبادگارن ۽ 10800 بسن لاءِ 5 ارب سبسڊي منظور

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ٽارگيٽڊ سبسڊي پروگرام جو جائزو ورتو،  اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته عالمي صورتحال سبب ڊيزل جي قيمت 244 ۽  پيٽرول جو اگهه 120 رپيا في لٽر وڌيوآهي، جنهن سان ڀاڙِن ۾ اضافي ۽ مسافرن جي تعداد ۾ گهٽتائي جو خطرو آهي، ڀاڙا وڌڻ سان گهٽ آمدني وارا طبقا متاثر ٿيندا. جنهن تي وڏي وزير چيو ته اسان ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن جو بار عام ماڻهوءَ تي پوڻ نه ڏينداسين. هن ٽرانسپورٽرن کي ڀاڙا نه وڌائڻ جي شرط تي  گاڏي جي قسم ۽ روٽ جي ڊيگهه جي بنياد تي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبي جي ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ ۾ 10800 کان وڌيڪ گاڏيون شامل آهن، جيڪي 224 روٽس تي هلي رهيون آهن، انهن گاڏين ۾ روزانو 19 لک مسافر سفر ڪن ٿا. ڪل ماهوار سبسڊي جو ڪاٿو 2.15 ارب رپيا آهي، جنهن ۾ انٽرا سٽي ۽ انٽر سٽي آپريشن شامل آهن. ٽرانسپورٽرن کي ادائگي سڌي طرح ڪئي ويندي جڏهن ته انسپيڪشن ۽ مسافرن جي راءِ ذريعي نگراني ڪئي ويندي. وڏي وزير 3 لک 66 هزار ننڍن آبادگارن لاءِ 3 ارب رپين جي رليف جي منظوري ڏني