سنڌ حڪومت پاڻي 6 ڪئنالز مسئلي تي آئيني عدالت وڃڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

جنوري 27, 2025

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت  پاڻي تي سوديبازي نه ڪرڻ ۽ ڇهن ڪئنالن  جي مسئلي تي آئيني عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وفاق فوري طور پنهجي فيصلن تي نظرثاني ڪري، سنڌ جي  پاڻيءَ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين، وڏي وزير مراد علي شاهه  6 ڪئنالن بابت سي سي آءِ کي درخواست ڏئي ڇڏي، سنڌ حڪومت جي ترجمان بئرسٽر ارسلان شيخ هتي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وڏي وزير معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿاريو آهي، جيڪڏهن پاڻي جو معاملو حل نه ٿيو ته آئيني عدالت کان عوامي عدالت جو آپشن موجود آهي، هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب نارا ڪينال جي 2 ڪلوميٽرن جي پچنگ ۽ لائيننگ جو ڪم جاري آهي، جيڪو رڪارڊ وقت ۾ مڪمل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته منصوبي تي 2 ارب 80 لک رپيا خرچ جو ڪاٿو  لڳايو ويو آهي، منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نارا ڪينال جي گنجائش 13649 ڪيوسڪ کان وڌي 18000 ڪيوسڪ ٿي ويندي، جنهن سان سنڌ جي 8 کان 9 ضلعن کي فائدو ٿيندو ۽ زراعت ترقي ڪندي، هن چيو ته جيڪي سوشل ميڊيا تي  پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، ڌرڻن جي ڳالھه ڪري رهيا آهن، عورتن ۽ نوجوانن کي ڀڙڪائي رهيا آهن ته شايد سنڌ حڪومت سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڪنھن  قسم جو سمجهوتو ڪيو آهي، انهن ماڻھن لاءِ پيغام آهي ته نارا ڪينال جو دورو ڪن ۽ ڏسن ته 8000 کان وڌيڪ مزدور سنڌ جي پاڻي جي هر قطري جي حفاظت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن.

 

Leave A Comment