سنڌ حڪومت پورھيتن  جي ڀلائي کي اوليت ڏني آھي: شرجيل

سنڌ حڪومت پورھيتن  جي ڀلائي کي اوليت ڏني آھي: شرجيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پورھيت طبقو ڪنھن به معاشري جي ترقي جو بنياد ھوندو آھي،  پورھيتن جي قربانين، جدوجھد ۽ اڻٿڪ محنت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آھي. پهرين مئي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ھن چيو ته شڪاگو جي شھيدن جي قرباني سڄي دُنيا جي پورھيتن  لاءِ جدوجھد جي نئين راھ متعين ڪئي.  ھن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت پورھيتن ۽ ھارين جي فلاح کي پنھنجي اوليتن ۾ رکيو آھي، سنڌ حڪومت پورھيتن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اجوري ۾ واڌ، ليبر قانونن تي سختي سان عمل ۽ صحت ۽ مالي سھولتن جي فراھمي جھڙا اھم قدم کنيا آهن، ان سان گڏ ٽيڪنيڪل ٽريننگ پروگرام، روزگار جا موقعا ۽ عورت پورھيتن لاءِ خاص سھولتون به حڪومت جي پورھيت دوست پاليسين جو واضح  ثبوت آھن.شرجيل انعام ميمڻ اھو عزم ورجايو ته سنڌ حڪومت پورھيتن ۽ ھاري طبقي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ھڪ منصفاڻو ۽ خوشحال معاشرو جوڙڻ لاءِ پنھنجون ڪوششون جاري رکندي.