سنڌ حڪومت کي ڪيپٽو پاور پلانٽس نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪرڻ ۽ صنعتڪارن جا ٽيڪس لڳائڻ تي اعتراض

مَي 19, 2025

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪَيپٽِوَ پاور پلانٽس جي گئس بند ٿئي ته اُها گئس سنڌ ۾ ئي رهڻ گهرجي، ائين نه ٿئي ته ڪيپٽو پاور پلانٽس جي بچيل گئس ٻئي هنڌ کڻي وڃو، وزيراعليٰ‏ هائوس ۾ ڪيپٽو پاور پلانٽس بابت اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ، وفاقي وزير توانائي اويس لغاري، وزيراعظم جي خاص مددگار رانا ثناءُالله، قومي اسيمبلي جا ميمبر سيد نويد قمر، اسد عالم، مرزا اختيار بيگ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽريز، ايم ڊي ايس ايس جي سي، سي اي او ڪي اليڪٽرڪ مونس علوي ۽ شهر جا نامور صنعتڪار زبير موتي والا، شبير ديوان، جاويد بلواڻي ۽ ٻيا شريڪ ٿياوڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ 600 ڪيپٽو پاور پلانٽس آهن، اُهي گئس تي هلن ٿا، صنعتڪارن کي ڪيپٽو پاور پلانٽس جا ٽيرف وڌائڻ تي اعتراض آهن، وڏي وزير واضح طور چيو ته جڏهن صنعتي يونٽن کي قومي گرڊ سان ڳنڍيو ويندو ته ڪيپٽو پاور پلانٽن مان بچايل گئس رڳو صوبي اندر استعمال ٿيڻ گهرجي اجلاس ۾ توانائي جي وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته صنعتي ٽيرف ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي آهي، صنعتڪارن کي ڪيپٽو پاور پروڊڪشن مان ڊسڪوز يا ڊسٽريبيوشن نيٽ ورڪ ڏانهن وڃڻو پوندو، وڏي وزير چيو ته اِن جو مقصد آهي ته سمورا ڪيپٽو پاور پلانٽس نيشنل گرڊ ۾ منتقل ٿي وڃن، پر هِن فيصلي سان واهپيدارن تي وڌيڪ بار پوندو، وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته سنڌ سرڪار ۽ صنعتڪارن جون تجويزون وزيراعظم آڏو پيش ڪنداسين، اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته ڪيپٽو پاور پلانٽس جي نيشنل گرڊ ۾ منتقلي جي وچ واري وِٿيءَ تي ٽئڪس لڳائڻ يا نه لڳائڻ بابت ڪميٽي جوڙي ويندي، ٽئڪس لڳائڻ يا نه لڳائڻ جو حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو.اجلاس ۾ صنعتڪارن اعتراض ڪيو ته “ڊي-گرڊ (ڪيپٽو پاور پلانٽس) ليوي آرڊيننس 2025” تحت صنعتن تي اضافي چارجز لڳايا پيا وڃن۔ سندن چوڻ هو ته گئس ڪمپنيون اڳ ئي وڌيڪ چارجز وٺي رهيون آهن ۽ جيڪڏهن ڪيپٽو پاور پلانٽن تي وڌيڪ ٽيڪس لڳايو ويو ته اهو صنعتي شعبي لاءِ ناقابلِ برداشت ٿيندو۔ صنعتڪارن چيو ته ائين ممڪن ناهي ته صنعتون پنهنجا ڪيپٽو پاور پلانٽ بند ڪري مڪمل طور وفاقي گرڊ جي بجلي تي ڀاڙين، ڇو ته گرڊ جي فراهمي اڪثر غير مستحڪم رهي ٿي۔ان تي ناڻي واري  وفاقي وزير محمد اورنگزيب اجلاس کي آگاهي ڏيندي چيو ته “اسان اڄ سنڌ حڪومت جي دعوت تي هتي آيا آهيون ته جيئن صنعتڪارن جا خدشا ٻڌي سگهون۔ ملڪ جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي جنهن ۾ سڀني ڌرين جي ڪوشش شامل آهي۔ وزيراعظم اسان کي هدايت ڪئي آهي ته اهڙيون پاليسيون ٺاهيون وڃن جيڪي صنعتي ترقي کي يقيني بڻائن۔پيٽروليم  واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين پ پ بلاول ڀٽو زرداري به سنڌ جي صنعتي مسئلن جي حل تي زور ڏنو آهي۔ هن صنعتڪارن سان گذريل زوم ميٽنگ دوران وزيراعليٰ مراد علي شاهه جي ڪوششن ۽ عزم کي ساراهيو۔توانائي  واري وفاقي وزير اويس لغاري اجلاس کي آگاهي ڏيندي چيو ته صنعتي ٽيرف ۾ اڳ ۾ ئي 30 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي۔ تقسيم ڪار ڪمپنيون پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪري رهيون آهن، ۽ 7000 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو فزيبليٽي پلان به تيار آهي۔

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ