سنڌ حڪومت ڪشمير مسئلي کي هميشه اوليت ڏني آهي: شرجيل 

 ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان وفاقي وزير ۽ ڪشمير بابت پارلياماني ڪاميٽي جي چيئرمين راڻا محمد قاسم نون سندس آفيس ۾ ملاقات  ڪئي، جنهن دوران آزاد ڪشمير جي ھاڻوڪي صورتحال، ڪشمير مسئلي، قومي يڪجھتي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لڳاتار ڀڃڪڙين ۽ معصوم ڪشميري عوام تي جاري ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪئي وئي. ملاقات ۾ اُنهي ڳالھھ تي اتفاق ڪيو ويو تھ ڪشمير مسئلي کي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪشمير بابت پارلياماني ڪاميٽي ۽ سنڌ حڪومت ۾ گڏيل سھڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. ٻنھي اڳواڻن اھو عزم ورجايو ته  ڪشميري عوام جي حق خود اراديت جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ھر سطح تي ڀرپور انداز ۾ جاري رکي ويندي.  ملاقات ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪشمير ڪشمير مسئلو پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آھي، سنڌ حڪومت ڪشمير مسئلي کي ھر سطح تي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ پنھنجون ڪوششون جاري رکندي.  ، ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ محمد قاسم نون کي  لنگي ۽ سنڌي ٽوپي جو تحفو ڏنو