سنڌ خلاف سازشون تيز ٿي ويون، عوام سجاڳ ٿئي: قادر مگسي

سنڌ خلاف سازشون تيز ٿي ويون، عوام سجاڳ ٿئي: قادر مگسي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينئر اڳواڻن جو هڪ اهم اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال، سنڌ کي درپيش خطرن ۽ يومِ مادرِ وطن جي تيارين بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.اجلاس ۾ متفقه طور فيصلو ڪيو ويو ته 14 فيبروري 2026ع تي، محبتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي، يومِ مادرِ وطن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. هٽڙي بائي پاس تي جلسو منعقد ڪيو ويندو، جلسي دوران مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي يومِ مادرِ وطن ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته جيستائين هن ملڪ ۾ سمورن صوبن کي برابري جي بنياد تي حق ڏئي پارليامينٽ جي بالادستي قائم نه ڪئي ويندي تيستائين ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت قائم نه ٿي سگهندي سنڌ جي عوام کي هاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو، ڇو ته هن وقت سنڌ خلاف سازشون تيزي سان وڌي رهيون آهن. هن چيو ته سنڌ کي درپيش سمورين مصيبتن مان ڇوٽڪاري جو واحد حل اهو آهي ته عوام متحد ٿي جاگيردار طبقي کان اقتدار کسي، پورهيت ۽ محنت ڪش طبقي جي حقيقي نمائندن کي اقتدار تائين پهچائي. هن چيو ته سنڌ ست ڪروڙ سنڌين جو وطن آهي، جنهن خلاف ڪنهن به قسم جي سازش برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌو درياءِ جي پاڻي ۽ سنڌ جي وحدت خلاف ڪابه بڪواس برداشت نه ڪئي ويندي. ھن چيو ته الله تعاليٰ سنڌ کي هر نعمت سان مالا مال ڪيو آهي، پر افسوس جو هن شاهوڪار خطي جا ماڻهو اڄ هڪ ويلي ماني لاءِ پريشان آهن. پيپلز پارٽي سنڌي عوام کان ووٽ وٺي اقتدار ۾ پهچي عوام کي وساري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ اندر جاگيردارن کي مظبوط ڪيو آهي. پ پ پ سدائين سنڌ دشمن ۽ عوام دشمن فيصلا ڪندي رهي آهي. اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، قادر چنا، امتياز سمون، ڊاڪٽر سومار مڱريو، حيدر ملاح، گوتم چنا، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، جان محمد جوڻيجو، محمد علي ابڙو سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.