سنڌ دشمن فيصلا ٿين پيا، جمهوريت نعرو رڳو ڏيکاءَ آهي: اياز  لطيف

سنڌ دشمن فيصلا ٿين پيا، جمهوريت نعرو رڳو ڏيکاءَ آهي: اياز  لطيف

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي سنڌي ماڻھن جي اميدن خلاف ڪم ڪيو آھي. جمھوريت جو نعرو صرف ڏيکاءَ  لاءِ ھنيو آھي، عملي طور عوام دشمن، پورھيت دشمن، اظھار جي آزادي خلاف، عورتن، اقليتن ۽ انساني حقن جي خلاف ڪم ڪيو آھي. جيڪي سردار، وڏيرا، جاگيردار عوام کي نپوڙين، ۽ استحصال ڪن ٿا، انھن کي طاقتور بنايو آھي. جاري  ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ناھي. سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ جرڳائي ماڻھن جو راڄ آھي. پوليس ۽ انتظاميه ذاتي ۽ سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي. ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو، مرڪزي ترجمان اشرف پليجو ، شوڪت تنيو،پنھل سولنگي، ايڊووڪيٽ مير کوسو جي اڳواڻي ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران 20،21 سيٽمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ قومي مشاورتي ڪانفرنس شريڪ ٿيڻ لاءِ اسلام آباد روانو ٿي ويا