سنڌ دشمن منصوبن خلاف 17 مئي تي ريلي جو اعلان، وسيلن مٿان ڌاڙا بند  ٿيڻ گهرجن: صنعان

سنڌ دشمن منصوبن خلاف 17 مئي تي ريلي جو اعلان، وسيلن مٿان ڌاڙا بند  ٿيڻ گهرجن: صنعان

سن (رپورٽ: شاهنواز شاهاڻي) سن شھر ۾  جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪز پاران سائين جي ايم سيد جي 31 ورسي جي موقعي تي سن ۾ قومي جلسو ڪيو ويو سائين جي ايم سيد جي مزار تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي جنرل سيڪريٽري محمد رمضان خاصخيلي صفدر تنيو عزيز شيخ امجد خان مهيسر مومن سمون ديدار شام ڏاڏو اطهر سومرو اشرف ڪلهوڙو شبير شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلامي پيش ڪئي  جنھن کان پوء سائين جي ايم سيد جي مزار جي  سيراندي کان سن جي مُک اسٽيج تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ سيد جي 31 ورسي جو قومي جلسو شروع ڪيو ويو جنهن جلسي کي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد سڄي حياتي سنڌ جي بقا ۽ آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي سيد سنڌ کي پيار محبت امن ۽ رواداري جو پيغام ڏنو سيد عالمي امن لاءِ خاص پيغام ڏنو جنهن جو مثال 1952ع ۾ ويانا امن ڪانفرنس ۾ ڪيل تاريخي خطاب آهي جنهن سان رهبر سنڌ جي دور انديشي ۽ ڏاهپ ثابت ٿئي ٿي سيد تاريخ سياست تهذيب فلسفي ۽ مذهب ۽ ٻين موضوعن تي 62 کان وڌيڪ ڪتاب لکي سنڌ کي شعور ڏنو ۽ اسان کي وساريل سنڌ ياد ڏياري سيد سنڌ سان عشق ڪرڻ سيکاريو سيد کي سنڌ جي عشق ۾ 32 سال قيد ۽ نظر بند ڪيو ويو پر سيد ڪڏهن به نه جهڪيو اڄ سيد جي وڇوڙي کي 31 سال ٿي ويا آهن پر سندس تاريخي جدوجهد ۽ فڪر اڄ به زنده آهي رهبر سنڌ ادارا ساز شخصيت هو  جنهن سنڌ يونيورسٽي ڏني سنڌي ادبي بورڊ ڏنو ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جهيڙا ادارا ڏنا تنهن ڪري سيد جي تاريخي جدوجهد کي نٿو وساري سگھي اڄ سن جي سرزمين تي سن جي تاريخي اسٽيج تي بيهي سيد کي قومي سلام پيش ڪري رهيا آهيون سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۾ ۽ شهيد بشير خان قريشي جي اختيار ڪيل  جدوجهد جي طريقي تي هلي سنڌ جي آزادي لاءِ جدوجهد جو وچن ورجائي رهيا آهيون جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سيد جي ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته وقت جا حڪمران سنڌ جا وسيلا لُٽي رهيا آهن سنڌ جي وحدانيت خلاف سازشون ڪري رهيا آهن حڪمرانن جي نااهلي سبب سنڌ ۾ لاقانونيت بدامني قبيلائي جهيڙا مهانگائي ۽ منشيات وڌي وئي آهي جنهن خلاف 17 مئي تي نوابشاھ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي جنهن ريلي ۾ قوم کي شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو سيد جي ورسي کي جسقم مرڪزي قيادت جنرل سيڪريٽري محمد رمضان خاصخيلي صفدر تنيو عزيز شيخ امجد خان مهيسر ديدار شام مومن سمون اشرف ڪلھوڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
 

چنگيزي بربريت لڳائي سنڌو مٿان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهيا ويا: رهبر ڪميٽي
 

سن: سن شھر ۾ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي پاران رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 31 هين ورسي ملهائي وئي  جلسي جي شروعات کان اڳ ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم شھيد بشير خان جي سربراھ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙھيون ويون  ورسي جي جلسي کي صدارتي خطاب ڪندي رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو تہ پاڪستان جي ڪل ڄمار ۾ سنڌين جھموريت نام نھاد اسلامي ڀائيچاري سميت مختلف فريب تي ٻڌل نعرا ۽ نظريا ٻڌا آھن پر ملڪي نظام ۽ حڪومتي سڄو وھنوار سڌين مارشلائن يا ھائبرڊ حڪومتن نـ رڳو اسان جي قومي وجود جو انڪار ڪيو پر چنگيزي بربريت لاڳو ڪري اسان جي سنڌو درياهه تي ناجائز ڊيم ۽ ڪئنال ٺاھيا ويا آھن جو اڄ زرعي معيشيت تـ ختم ٿي وئي آھي اسلام آباد ۾ ھي ھائبرڊ سسٽم آھي ان سنڌ سان ڪيئي ڪلور ڪيا آھن، زمينن جو تحفظ سنڌو درياهه، معدنيات ۽ وسيلن جي حفاظت لاء پرامن جھدوجھد جو اعلان ڪريون ٿا پھرئين مرحلي ۾19 مئي تي جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران مٽياري ۾ احتجاجي مارچ ڪري ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو جسقم شھيد بشير خان جي سربراھ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد جو فڪر ئي سنڌ کي بچائي سگهي ٿو. سنڌ کي جيڪي خطرا درپيش آهن، انهن مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان رجوع ڪرڻو پوندو زمينن جي والار ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف جدوجهد جي جيتري ضرورت اڄ آهي، اوتري اڳ ۾ ڪڏهن به نه هئي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور خطاب ڪندي چيو ته قومپرست سياست ئي محڪوم قومن کي بچائيندي آهي ان ڪري سائين جي ايم سيد سنڌ جي سياست جو بنياد قومپرست نظريي تي رکيو سائين جي ايم سيد تمام دور انديش اڳواڻ هو، ان موقعي تي آصف بالادي، نواز شاھ ڀاڏائي، محمد علي خشڪ غفار ميرجت پنهل ساريو ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي فراز سنڌي، راول ڪرناڻي، باغي بجاراڻي، انور بڙدي، ڪمال مهر، نذير شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
 

جيئي سنڌ تحريڪ اڳواڻ پيادل مارچ ڪري پهتا، سيد کي ڀيٽا

 سن: سن شھر ۾ جديد قومپرستي جي باني آزادي جي علمبردار سائين جي ايم سيد جي 31 هين ورسي جي موقعي تي  جيئي سنڌ تحريڪ طرفان جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي جيئي سنڌ تحريڪ جي  ڪارڪنن پارٽي چيئرمين سورھ سنڌي قيوم ابڙو، سهيل ڪلوڙ ،امتياز ميراڻي باغي راڄپر عرفان ڏاهري سنڌ جي بهادر نياڻي  آرزو سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پيٽارو ٽول پلازا ۽  قاضي احمد پل وٽ پوليس رڪاوٽون  ٽوڙي سن پهتا جتي انڊس هاءِ وي سن پيٽرول پمپ کان 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري سائين جي ايم سيد جي  مزار تي پھچي حاضري ڀري گلن جون چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ سيد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لا۽ جيئي سنڌ تحريڪ طرفان سيد جي مزار جي احاطي ۾  ميڙاڪي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھيه سنڌي چيو ته پاڪستان جي 70  سالا تاريخ ۾ سنڌ  جي وجود ۽ سنڌين کي ديوار سان لڳائي خوشحال سنڌ جي ماڻهن کي بک بدحالي بيروزگاري جي ور چاڙهي سنڌين کي خودڪشيون ۽ ٻچا وڪڻڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي موجوده وقت ۾ سيد جو فڪر فتح ماڻي چڪو آهي سيد جي مزار ۽ سندس فڪر پڻ رياست جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو آهي وک وک تي پوليس طرفان ناڪا لڳائي قومي ڪارڪنن کي رڪاوٽون وجهي هزارين ڪارڪنن کي روڪيو ويو
 

 *رڪاوٽن باوجود قافلا سن پهتا* 30 کان وڌيڪ ڪتابن جا اسٽال* او پي ڊي لڳائي وئي
 

سن:  سن شھر ۾ سائين جي ايم سيد جي 31 ورسي جون تقريبون ٿي گذريون رڪاوٽن باوجود سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ مان قافلا سن پھچي ويا، سائين  جي ايم سيد جي مزار تي 30  کان مٿي مختلف ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا ڊي سي ڄامشورو غصنفر قادري طرفان  سن ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار وٽ جرنل او پي ڊي پڻ لڳائي وئي، جنهن ۾ ميل فيميل ڊاڪٽرن سميت پيرا ميڊيڪل اسٽاف مقرر ڪيو ويو جنهن ۾ ڊاڪٽرن سن ۽ مختلف شھرن مان آيل ڪارڪنن کي اي سي جي الٽرا سائونڊ ۽ ليب سھولتون ڏئي فري ۾ علاج ڪري دوائون پڻ ڏنيون.