سنڌ راڻيءَ جي ڀونءِ جو ساڃاهه وند ڪردار ….وقار علي ميمڻ

                 سال جو آخري ڊسمبر مھينو ئي وڇوڙن جو مھينو آهي. ان ڊسمبر سنڌ ڌرتيءَ کان ناليوارا اڳواڻ، ڏات ڌڻي ۽ ڪوي کسيا آهن، جن ۾ شھيد محترمه بينظير ڀٽو، شيخ اياز، سرمد سنڌي شامل آھن، ان لسٽ ۾ ھڪ نالو عثمان راھوڪڙي جو پڻ آهي. عثمان جو جنم سنڌ جي لاڙ پٽي جي ڳوٺ متو راھوڪڙو ضلع بدين ۾ ٿيو. ان ڪري سندس سڀاء ۾ ھميشه سڳداسي چانورن جي خوشبوء محسوس ٿيندي ھئي. شاگردي جي وقت دؤران سندس پيچ به سن جي مٽي ڏانهن ھئا. ان ڪري سندس لکڻين ۾ ڌرتي، سنڌو درياء، مسڪين ماروئڙا ۽ مظلوم ماڻهو ھميشه سرفھرست  رھيا.

                 عثمان سنڌي ادب جي جھول ۾ چار ڪتاب وڌا، جن ۾ سڪو سنڌو ڪنارا رنا، مٽيءَ جا مور ماڻهو, سون سريکيون عورتون ۽ سنڌو ۽ ھاڪڙو جا وھڪرا شامل آهن. “سون سريکيون عورتون” ڪتاب تي کيس سنڌي ٻولي اٿارٽي پاران سال جو نثر جو بھترين ڪتاب جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. ان ڪتاب ۾ ليکڪ لاڙ پٽي ۽ سنڌ جي انهن عورتن کي ڀيٽا پيش ڪئي، جن جا ڪردار ته لطيف جي سورمين جھڙا اڇا اجرا ھئا پر ڪنهن ٻي قلمڪار انهن انمول ڪردارن تي لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي. سنڌ ڌرتي ۽ ان جي وسيلن سان سندس عشق جو چٽو اظھار ته سندس ڪتاب “سنڌو ۽ ھاڪڙو جا وھڪرا” آهي. سندس ويجھا دوست ان ڳالھ جا شاھد آهن ته ھڪ پاسي ڪراچي جي خانگي اسپتال مان ڪيموٿراپي جا ڳرا ڊوز آھستي آھستي سندس جسم کي ڳاري رھيا ھئا پر عثمان کي بلڊ ڪينسر جھڙي موذي بيماري لوڏي نه سگھي ۽ ھو مسلسل سنڌو درياء جي پراڻن وھڪرن، ڦاٽن، درياء جي پاسن کان آباد ۽ ڦٽي ويل شھرن بابت لکڻ لاءِ پنڌ ڪندو رھيو ۽ مسلسل جاکوڙ ۽ ٿڪائيندڙ تحقيقي پورھيي کانپوء سنڌي ادب جي جھول ۾ سنڌو درياء ۽ ڦٽي ويل ھاڪڙو درياء بابت ھڪ پي ايڇ ڊي ٿيسز جي ليول وارو ريفرنس بڪ تحفو ڪري ويو.

سندس صحافتي دؤر به ٽنڊو باگو شھر جي ھڪڙي شاندار تاريخ مثل آهي. پريس ڪلب ٽنڊي باگي جو اڱڻ ھميشه ڏات ڌڻين ۽ مسڪين مظلوم ماڻهن جو مسڪن ۽ آواز بنيل رھيو. پريس ڪلب جي اڱڻ ۾ حسن درس کان وٺي سنڌ جي محبوب شاعر ايوب کوسي سان عثمان راھوڪڙي جا ٽھڪ، سنڌ سان ٿيل ويڌن تي وڏا وڏا بحث مباحثا، ڌارين جا حملا، انهن حملن ۾ گھوڙن جون ٽاپوليون اڃان به وقت تنھائي ۾ پريس ڪلب جي ڪنهن خالي ڪنڊ ۾ ٻڌي ۽ محسوس ڪري سگھجن ٿيون.

عثمان ڪڏهن به مايا سان ھٿ ڪونه ملايو ۽ سموري زندگي سادگي سان گذاري. سندس قلم ڏاڍ ۽ زر جي اڳيان نه ڪڏهن جھڪيو ۽ نه ڪڏهن وڪيو.

حافظ نظاماڻي ھي سٽون عثمان جھڙن ماڻهن لاءِ ئي سرجيون آهن:

“ڪڏهن نه وڪجڻ وڏي آ قيمت

انھيءَ کان ملھ ٻيو مٿي ئي ڪونهي

گھڻا ويا وڪجي گھڻا ويا لکجي،

اسين اڃان تائين تريا به ناھيون”

عثمان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي نوجوانن جي ادب ۽ شاعري ڏانهن آبياري ڪئي. سنڌ جي ناليواري شاعر فراق ھاليپوٽي موجب، “آئون 1992ع ڌاري ڪئسٽي شاعري ڪندو ھئس. مونکي ادبي سنگت ۽ ادب واري پاسي لاھڻ وارو عثمان راھوڪڙو ھو”.

سنڌ جي ماڳن مڪانن تي تحقيق دؤران سندس پنڌ سدائين مرخان شيخڻ جي ماڳ کان وٺي روپا ماڙي، ٻانھياري ڀٽ، پاڻي جي پير پير پٺي ڏانهن ھوندا ھئا. سندس پيرن کاروڇاڻ، ڪيٽي بندر، ڪجلا سر، پاري ننگر ۽ سنڌ سمورن اھم ۽ تاريخي ماڳن جي خاڪ ڇاڻي ھئي.

سندس ياري دوستي جو تعلق سموري سنڌ ۾ وسيع ھو پر سندس ويجھن دوستن ۾ صحافي غلام مصطفي` جمالي ۽ ليکڪ ۽ اديب ابوبڪر شيخ ھئا، جيڪي بيماري واري وقت دؤران به عثمان سان ٻانھن ٻيلي ۽ گڏ بيٺل رھيا.

عثمان پنهنجي سموري زندگي سنڌي ادبي سنگت, پريس ڪلب ٽنڊو باگو، ايوان صحافت بدين ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو متحرڪ ڪردار رھيو. عثمان جو سنڌ ۽ سنڌو سان عشق ان حد تائين جو ھڪ دفعي ملاڪاتيار واري پل تان لنگھندي سنڌو درياء جي پيٽ ۾ پاڻي بدران دڙا ٿي ويل واري ڏسي عثمان جي اکڙين جا بند ٽٽي پيا ۽ ھو چوڻ لڳو ته ڪنهن قوم جي ان کان وڌيڪ ڪا بدنصيبي ٿي ڪونه ٿي سگھي جو ان جا درياء سڪي وڃن. سنڌي ادب جو ارڏو ڪردار 27 ڊسمبر 2021ع تي وڇوڙي جا وڍ ڏئي سنڌ جي محبوب مٽي جي ھنج ۾ ھميشه لاء آرامي ٿي ويو.