| سنڌ سالڊ ويسٽ خلاف 9 ڪروڙن جي هرجاني جي دعويٰ داخل |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عيد ڏهاڙي گلشن بهار ۾ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل شهري عمر طارق جي بيواهه عظميٰ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ خلاف سينيئر سول جج اولهه جي عدالت ۾ 9 ڪروڙ رپين جي هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏي, درخواستگذار ۾ چيو ويو آهي ته21 مارچ تي عمر طارق ڪم تان واپس گهر اچي رهيو هو, گلشن بهار ۾ ٽرڪ سندس موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو, جنهن اسپتال ۾ دم ڏنو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ موت جو سبب ٽرڪ جي ٽڪر سبب ٿيل زخمن کي قرار ڏنو ويو آهي، درخواستگذار موجب اها خوني ٽرڪ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي هئي، انهي حساب سان عمر طارق جي موت جو ذميوار سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ آهي، فوتي 4 ٻارن جو پيءُ ۽ واحد ڪمائيندڙ هو،