لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ ) سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ ۾ مالي بحران سبب لاڙڪاڻي ۾ صفائي عملي کي پگهارون نه مليون، ملازمن ڌرڻو هنيو
سنڌ سالٽ ويسٽ مئنيجمينٽ جي صفائي ڪندڙ عملي ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف اتا ترڪ ٽاور کان پاڪ ڪتاب کڻي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو
ان موقعي تي صدام بروهي علي حسن حسين بخش لياقت علي سميت ٻين جو چوڻ هو ته اسان کي مسلسل ٽن مهينن کان پگهارون نه ٿيون ڏنيون وڃن جنهن ڪري قرض کڻي ٻچا پالي رهيا آهيون
احتجاج ڪندڙن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته پگهارون ڏياري اسان جي خاندانن کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي
ٻئي طرف سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمنٽ جي ايڊمن مئنيجر افتخار ناريجو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سنڌ سرڪار فيبروري مهيني کان بجيٽ جاري نه ڪئي آهي جنهن سبب ادارو مالي بحران جو شڪار آهي