ملڪ جي پهرين ڊجيٽل آدم ڳڻپ ان دعويٰ سان شروع ڪئي وئي ته، هِي نهايت سائنسي ۽ شفاف ڳڻپ وارو طريقو هوندو، ڇو ته ڊجيٽل هُجڻ سبب هن جي انگن اکرن سان ڪا به هٿ چراند نه ٿي سگهندي. مُون ڪراچيءَ ۾ سانا پاران ڪوٺايل ميڙاڪي ۾ اهو خدشو رکيو هو ته، ڊجيٽل هيرا ڦيري ته اڃان به سولي شئي آهي، ڇو ته ان جي پٺيان ڪاغذي ثبوت نه هوندو. ان هيرا ڦيري کي رُڳو فرانزڪ آڊٽ وسيلي پڪڙي سگهبو. جڏهن گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وزير اعظم، چئني صوبن جا وڏا وزير هٿ ٺوڪيا جڙتو نتيجا قبول ڪري اُٿندا ته، پوءِ سوال ڪير ڪندو، جو ڪنهن آڊٽ جي نوبت اچي!
ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ منظور ڪيل نتيجا ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته ڪهڙي طرح ناٽڪي نموني صوبن جو مجموعي آباديءَ ۾ شيئر ايڊجسٽ ڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ ڪهڙي طرح هڪ مخصوص گروهه کي وفاداري جو صلو ڏيڻ لاءِ انگن سان هٿ چراند ڪئي وئي، اهڙي طرح هي ڊجيٽل فراڊ مڪمل ڪيو ويو. هٿ جي صفائيءَ جو ڪمال اهو آهي ته، 2017ع ۽ 2023ع جي آدم ڳڻپ ۾ هر صوبي جو حصو سيڪڙي موجب هوبهو ساڳيو وڃي بيٺو.
سنڌ کي ٻُڌايو ويو هو ته، 2017ع جي آدم ڳڻپ انڪري قبول نه هئي، جو ان سان سنڌ کي اين ايف سي ۾ جائز حصو نه پيو ملي ۽ اهو 2023ع جي آدم ڳڻپ ۾ حاصل ڪيو ويندو. هاڻي آدم ڳڻپ جي جنهن نتيجي تي صحيون ڪيون ويون آهن، ان سان سنڌ کي ناڻي ورڇ ۾ ته ڪُجهه به وڌيڪ نه ملندو، البته ٻهراڙين جون اسيمبلين ۾ سيٽون ضرور گهٽجنديون.
هِيءَ آدم ڳڻپ شروع ئي هڪ تڪراري ماحول ۾ ٿي هُئي، جو روايت موجب ڏهن ورهين بجاءِ هن ڀيري فرمائشي بنيادن تي اُن کي پنجن سالن اندر ڪرايو ويو. ان جي جيئن ته تياري اڻپوري هُئي، تنهن ڪري ان جو مدو مدو پنج ڀيرا وڌائڻو پيو. آخري ٻه ٽي ڀيرا ته، نج سياسي فرمائش جي بنياد تي ان جو مدو وڌايو ويو. 16 مئي 2023ع تي ڳڻپ واري کاتي باضابطه طور نوٽيفڪيشن جاري ڪري اهو اعلان ڪيو ته، ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿي چُڪو آهي ۽ هاڻي رُڳو انگن جي چڪاس ۽ تصديق ڪئي ويندي. ان وچ ۾ اهي خبرون عام ٿي چُڪيون هُيون ته، ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ هڪ بليڪ ميلر گروهه اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي گذريل حڪومت مان الڳ ٿي هاڻوڪي حڪومت جو حامي بڻيو هو، ان وزيرِ اعظم ۽ ٻين اهم ادارن کي چيو ته، اسان کي وفاداري جي صلي طور ڪراچي جي آبادي وڌائي گهٽ ۾ گهٽ اڍائي ڪروڙ ڪري ڏني وڃي. جنهن کانپوءِ 16 مئي ۽ 5 آگسٽ وچ ۾ انگن سان هٿرادو کيڏ ڪئي وئي. 16 مئي تائين ٿيل آدم ڳڻپ ۾ سنڌ جي مختلف ڊويزنن جا انگ ۽ آخري دفعو پڌرو ڪيل انگن جو فرق جدول نمبر هڪ ۾ ڏجي ٿو:
مٿين جدول مان چٽي طرح نظر اچي ٿو ته 16 مئي ۽ پنج آگسٽ وچ ۾ جڏهن ته ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿي چڪو هو، هٿراڌو طور ڪراچيءَ جي آباديءَ ۾ 13 لک، 80 هزار جو واڌارو ڪيو ويو ۽ پوءِ صوبن جي باقي ڊويزنن ۾ 33 لک آبادي گهٽائي وئي. مجموعي طور صوبي جي آبادي 19 کان 20 لک گهٽائي وئي.
سنڌ جو وڏو وزير ان کان اڳ آدم ڳڻپ جي انگن اکرن بابت ڪهڙي دعويٰ ڪندو رهيو، ان لاءِ 19 مئي جي انگريزي اخبارن ڊان ۽ دي ايڪسپريس ٽريبيون ۾ ڇپيل خبرون پڙهي وٺو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ۾ فرمايو هو ته،
اسان جي ڪاٿي موجب سنڌ جي آبادي ته، 6 ڪروڙ 44 لک بيهي ٿي پر سرڪاري طور ڪاٿو 5 ڪروڙ 76 لک لڳائي، اسان جي آباد 68 لک گهٽائي وئي آهي. هن اهو به چيو ته اها آدم ڳڻپ تڪراري بڻائي وئي آهي. حيرت جي ڳالهه آهي ته،
سنڌ جي وڏي وزير کي 19 مئي تي سنڌ جي 5 ڪروڙ 76 لک آبادي قبول نه هئي پر پاڻ 5 آگسٽ تي ان کان به 20 لک گهٽ يعني 5 ڪروڙ 56 لک آبادي قبول ڪري آيو،
ان تي ته ڪو به اعتراض نه واريائين. هِي آبادي ته سندس ڪٿيل آباديءَ کان 88 لک گهٽ ٿي بيهي، پوءِ هن اهي انگ اکر ڇو قبول ڪيا؟
هاڻي اچو ته ٿورو سنڌ جي ڪُجهه ضلعن جي آباديءَ جي واڌ جا غير فطري انگ اکر ڏسي سمجهون ته ڪهڙي طرح ڪُجهه مخصوص ضلعن ۾ آباديءَ جي واڌ هٿرادو طور ڏيکاري وئي آهي. ڏسو جدول نمبر 2:
اهڙي طرح سنڌ جا باقي سمورا ضلعا ڪراچيءَ جي انهن ٻن ضلعن کان واڌ جي شرح ۾ گهڻو پٺتي آهن. ياد رهي ته، ٻئي ضلعا آباديءَ سان ڳتيل شهري علائقا آهن. دُنيا کي خبر آهي ته، آباديءَ ۾ واڌ ٻهراڙين ۾ وڌيڪ ٿيندي آهي،
شهري علائقن ۾ ان جي شرح گهٽ رهندي آهي. جيڪڏهن ڪراچيءَ مٿان ٻاهرين آباديءَ جي واڌ جو دليل مڃجي، تڏهن به اُهي گهڻو ڪري ملير، اولهه ۽ ڪياماڙيءَ وارن علائقن ۾ ٿي رهي هوندي. سينٽرل ۽ اوڀر جا ضلعا هڪ مخصوص گروهه جا سياسي ڳڙهه آهن، جتي ٻاهرين علائقن جا ماڻهو رهائش يا روزگار لاءِ ورلي ڪو ايندا هوندا. انهن ضلعن ۾ آبادي جي هٿرادو واڌ ڏيکارڻ ضروري آهي، جو ان لساني گروهه جو ڪراچيءَ جي آباديءَ ۾ حصو لڳاتار گهٽجي رهيو آهي ۽ نفسياتي توڙي سياسي لحاظ کان ان گروهه کي نقصان پهچي رهيو هو، تنهن ڪري شهر اندر سندس ٻولي ڳالهائيندڙن جي لڳاتار ڪرندڙ شرح کي انگن جون هٿراڌو ٿُوڻيون ڏيڻ جي ضرورت هُئي.
هن ڀيري ڪراچيءَ جي انگن اکرن کي هٿراڌو طور وڌائڻ جو ٻيو نتيجو اهو نڪتو جو 1998ع ۽ 2017ع ۾ ڪراچيءَ جي آبادي سنڌ صوبي جي ڪُل آبادي جو 33 سيڪڙو هُئي، اها وڌائي 37 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
ان جي پٺيان به سياسي مفاد آهن، جن کي سنڌ حڪومت ڄاڻي ٻُجهي هٿي ڏئي رهي آهي. قانوني طور هر سرڪاري عملدار کي پنهنجي علائقي جي آدم ڳڻپ جي انگن واري رپورٽ تي صحيون ڪرڻيون هونديون آهن. سنڌ سرڪار کي گهُرجي ته، سمورين ڊويزنن جي ڪمشنرز پاران صحيون ڪيل انگن واريون رپورٽون عوام اڳيان آڻي ته،
جيئن خبر پئجي سگهي ته، ڪهڙا عملدار انهن ڪوڙين تبديلين ڪيل رپورٽن جا ذميوار آهن. ٻِي اهم ڳالهه ته، آدم ڳڻپ جي وڌايل انگن جي آڌار انهن ضلعن ۾ اسيمبلين جون سيٽون وڌنديون، جنهن جو فائدو به ان ئي لساني تنظيم کي ملندي نظر ٿو اچي. انڪري اهو سمورو ٽڪساٽ ڪيو ويو.
پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي حُڪم جي بجاآوريءَ ۽ پنهنجي اتحادين کي خُوش ڪرڻ لاءِ اهي جڙتو انگ اکر قبول ڪري سنڌ واسين سان هڪ وڏي ويساهه گهاتي ڪئي آهي. ان انياءَ جا اثر ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ چِٽا ٿيندا. جيستائين ان معاملي تي سياسي ردعمل جو تعلق آهي ته، سنڌ جون ٻه وڏيون قومپرست ڌُريون هاڻي ان اليڪشني اتحاد ۾ ويٺيون آهن، جتي ان آدم ڳڻپ جو لاڀ ماڻيندڙ ڌُر به ويٺي آهي. ڏسڻو اهو آهي ته، ڇا قومپرست ڌُريون ۽ اهو اتحاد آدم ڳڻپ بابت سنڌ واسين جي نمائندگي ڪري سگهندا؟