سنڌ پاڪستان جو اهو صوبو آهي، جيڪو قدرتي وسيلن جي حوالي سان ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي سمجهيو وڃي ٿو. خاص طور تي قدرتي گئس جي پيداوار ۾ سنڌ جو ڪردار بنيادي ۽ اھم رهيو آهي. پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ ڪُل قدرتي گئس جو لڳ ڀڳ 65 کان 70 سيڪڙو حصو رڳو سنڌ مان حاصل ٿئي ٿو. سُئي، قمبر- شهدادڪوٽ، بدين، دادو ۽ سانگهڙ جهڙا علائقا ڏهاڪن کان ملڪ کي توانائي فراهم ڪري رهيا آهن، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته خود سنڌ اڄ به گئس جي کوٽ جو شڪار آهي. آئينِ پاڪستان جو آرٽيڪل 158 واضح طور تي چوي ٿو ته جنهن صوبي ۾ قدرتي گئس پيدا ٿئي، ان کي ٻين صوبن تي ترجيحي حق حاصل آهي. پر عملي طور تي هن آئيني ضمانت کي مسلسل نظرانداز ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اڄ به گئس موجود ناهي، جڏهن ته ٻين صوبن ۾ نيون هائوسنگ اسڪيمون ۽ صنعتي زون بنا رڪاوٽ گئس استعمال ڪري رهيا آهن.
انگن اکرن موجب سنڌ پاڻ پنهنجي پيدا ڪيل گئس مان صرف 35 کان 40 سيڪڙو استعمال ڪري ٿي، جڏهن ته باقي گئس ٻين صوبن ڏانهن منتقل ڪئي وڃي ٿي. حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته سياري جي موسم ۾ سڀ کان پهرين گئس لوڊشيڊنگ جو شڪار به سنڌ ئي بڻجي ٿي. ڪراچي جهڙو صنعتي شهر، جيڪو ملڪ جي آمدني جو وڏو حصو ڏئي ٿو، اتي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ گئس بند رهڻ معمول بڻجي ويو آهي. اھا صورتحال رڳو معاشي ناانصافي ناهي، پر سماجي ۽ سياسي بيچيني کي به جنم ڏئي رهي آهي. سنڌ جا ماڻهو سوال ڪن ٿا ته جيڪڏهن وسيلو اسان جو آهي، ته پوءِ اسان جي ضرورتن کي نظرانداز ڪري فائدو ٻيا ڇو وٺن؟ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ماڻهو اڄ به ڪاٺيون ٻاري کاڌو پچائين ٿا، جڏهن ته انهن جي زمين مان نڪرندڙ گئس ملڪ جي ٻين حصن کي روشن ڪري رهي آهي. جيڪڏهن سنڌ کي ان جو جائز حصو ڏنو وڃي ته صوبي ۾ صنعتن کي هٿي ملي سگهي ٿي، بيروزگاري گهٽجي سگهي ٿي ۽ مجموعي طور قومي معيشت به مضبوط ٿي سگهي ٿي. پر ان لاءِ ضروري آهي ته گئس ورڇ بابت پاليسين تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ آئين جي روح مطابق فيصلا ڪيا وڃن. سنڌ سان گئس جي ورڇ ۾ ٿيندڙ ناانصافي رڳو هڪ صوبائي مسئلو ناهي، پر اهو وفاقي نظام جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿو. جيڪڏهن پاڪستان کي هڪ مضبوط ۽ متحد ملڪ بڻائڻو آهي ته پوءِ سڀني صوبن سان وسيلن جي ورڇ ۾ انصاف ڪرڻو پوندو، خاص طور تي سنڌ جهڙي صوبي سان، جيڪو ڏهاڪن کان پنهنجا وسيلا قربان ڪندو اچي ٿو.
سياري جي سخت سرديءَ ۾، جڏهن زندگيءَ جو ڦيٿو اڳ ئي مشڪلاتن سان ڦري رهيو آهي، تڏهن گئس جي بندش سنڌ جي عوام لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي. صنعتي علائقا هجن يا عام رهائشي آباديون- هر هنڌ احتجاج، بيچيني ۽ مايوسي ڇانيل آهي. سوال اهو آهي ته آخر سنڌ سان ايتري ناانصافي ڇو؟ آئين پاڪستان واضح طور چوي ٿو ته هر صوبي کي پنهنجن قدرتي وسيلن تي پهريون حق حاصل آهي. گئس سنڌ مان نڪري ٿي، ته پوءِ سنڌ کي ان جي ضرورت مطابق فراهم ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ ڇا آئين جي ڪابه اھميت ناھي؟
سنڌ سان ٿيندڙ هي زيادتي رڳو سنڌ تائين محدود نه رهندي. جڏهن هڪ صوبي کي بار بار نظرانداز ڪيو ويندو، ان جا وسيلا ڦٻايا ويندا، ۽ ان جي عوام کي بنيادي حقن کان محروم رکيو ويندو، ته پوءِ هي صورتحال وفاق لاءِ به انتهائي خطرناڪ آهي. احساس محرومي وڌي رهيو آهي، جيڪو ڪنهن به وقت وڏي سياسي ۽ سماجي بحران ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ ڪا ڪالوني ناهي. سنڌ ڪو مفتوح علائقو ناھي. سنڌ پاڪستان جو خالق صوبو آهي. جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجن وسيلن تي حق نه مليو، ته اھو ھن ملڪ لاءِ وڏو الميو ھوندو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي نمائندن، سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ عوام کي گڏجي آواز اٿارڻو پوندو.