| سنڌ سرڪارموٽر سائيڪلن ۽ ننڍين ڪارن تي اي چالان جو ڏنڊ گهٽائڻ تي راضي |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪارموٽر سائيڪلن ۽ 1000 سي سي تائين جي ننڍين گاڏين تي اي چالان جو ڏنڊ گهٽائڻ تي راضي، ان ڏس ۾ گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آھي ته اي چالان بابت سنڌ اسيمبلي جي پارلياماني ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ اي چالان، ٽريفڪ بابت خدشن ۽ تجويزن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو، ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو وڏو مسئلو موٽرسائيڪلن ۽ ننڍين گاڏين سبب پيدا ٿي رهيو آهي، رانگ وي ۽ سگنل ٽوڙڻ تي ڏنڊ گهٽ نه ٿيندا، ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته ڪاميٽي جي سڀني ميمبرن جي راءِ هئي ته گهٽ آمدني وارن شهرين جي گاڏين تي لاڳو ڏند گهٽايا وڃن، هن چيو ته ڪراچي ۾ لڳ ڀڳ 400 ٽريفڪ سگنلز جي ضرورت آهي، پوليس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ٽريفڪ سگنلز بابت سمري ح موڪلي، ھن چيو ته ڪراچي ۾ 22 هزار ٽرالرز هلي رهيا آهن، جن مان 16 هزارن ۾ ٽريڪٽر لڳي چڪا آهن، ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي حڪم ڏنا آهن ته غير رجسٽرڊ ٽرالرز کي ضبط ڪيو وڃي، هن چيو ته هڪ ٽرڪ جو هڪ ئي ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا به چالان ٿيو آهي، هن چيو ته ڪجهه ماڻهو بنا خوف جي هٿيار کڻي گھمي رهيا آهن، سيڪيورٽي ادارن کانسواءِ هٿيار کڻي گهمندڙن کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن، بنا نمبر پليٽ ۽ غير رجسٽرڊ گاڏين کي ضبط ڪيو ويندو ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو ته سرڪار موٽرسائيڪل جي اي چالان جو ڏنڊ گهٽائڻ تي راضي آهي،