سنڌ سرڪار جاڳي پئي: ڀاڻ بليڪ ۽ ذخيروڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون : ڊي سي آفيسن ۾ شڪايتي سيل کولڻ جي هدايت

ڊسمبر 16, 2023

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم۽ نظير ميمڻ ) سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پرڳڻي ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻن جي کوٽ جو سخٽ نوٽيس وٺي سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته ڀاڻ جي شفاف ورڇ کي يقيني بڻائي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف  تڪڙي ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪمشنرن ۽ ڊي سيز کي لکيل خط ۾هن ڪمشنرن کان سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته صوبي ۾ ڀاڻ جي منصفاڻي ورڇ جا خدشا ڏينهون ڏينهن ڇو وڌي رهيا آهن؟ هن چيو ته ، صوبي ۾ ڀاڻ جي ذخيرا اندوزي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ کي هر حالت ۾ روڪيو وڃي. ڀاڻ جي ذخيرا اندوزي ۽ حڪومتي اگهن کان وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙ ڊيلرن  خلاف ڪارروائي ڪري، وٽن موجود ڀاڻ جي اسٽاڪ جا تفصيل مرتب ڪيا وڃن، ساڳئي وقت موجود ڀاڻ جي ورڇ  لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، وڏي وزير سمورين ڊي سي  آفيسن ۾ هارين جي سهولت لاءِ ”هاري مددگار سينٽر“  قائم ڪري فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڀاڻ جي دستيابي ۽ سرڪاري اگهه جو ضلعي ۽ تعلقي سطح تي باقاعدگي سان اعلان ڪيو وڃي. وڏي وزير ڊي سيز کي  اها به هدايت ڪئي ته اهي هارين کي آگاهي ڏين ته اهي ذخيرا اندوزي ڪندڙ ڊيلرز خلاف شڪايتون داخل ڪرائين. وڏي وزير سمورن ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي روزاني بنياد تي رپورٽون موڪلين، جڏهن ته سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي حڪم ڏنو ته اهي ڀاڻ جي کوٽ بابت پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ جلد وزيراعليٰ هائوس سيڪريٽريٽ ڏانهن موڪلين.

ڀاڻ بحران جا ذميوار ڪير ؟ هاءِ ڪورٽ پاران وفاق، سنڌ حڪومت ۽ 5 ڪمشنرن کان جواب طلب

ڪراچي: سنڌ جي آبادگارن  پرڳڻي ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، عدالت وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت، پرڳڻي جي 6 مان 5 ڪمشنرن ( ڪراچي کانسواءِ) ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 10 جنوري تي جواب گهري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عقيل عباسي ريمارڪس ڏنا ته ڇا حڪومت ڀاڻ جي فراهمي لاءِ ڪوٽا مقرر ڪري ٿي؟ جنهن تي آبادگارن جي وڪيل علي پلهه عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت ڀاڻ جي پيداوار  لاءِ خانگي ڪمپنين اينگرو يوريا ۽ فاطمه لميٽيڊ کي گيس تي سبسڊي ڏئي ٿي، هن وقت سڄي سنڌ ۾ ڀاڻ جي فراهمي نه هجڻ جي برابر آهي، سنڌ ۾ يوريا جي 3400 رپين واري ٻوري 5500  ۽ ڊي اي پي جي 12700 رپين واري ٻوري بليڪ تي 14700  رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي،  هن چيو ته ڀاڻ جي کوٽ کي روڪڻ ۽ هارين کي بروقت ڀاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ هر ڊويزن ۾ انسپيڪٽر مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ بدران ڀاڻ جي کوٽ پيدا ڪرڻ ۾ ملوث آهن،  هن چيو ته وقت سر ڀاڻ جي فراهمي نه ٿيڻ سبب سڄي صوبي ۾ ڪڻڪ جو پوکيل فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ ملڻ جي صورت ۾ هيل ڪڻڪ جو بمپر فصل لهي سگهي ٿو: آبادگار اڳواڻ

ڪراچي:سنڌ جي آبادگارن  جو چوڻ هو ته هيل ڦٽيون جو فصل آڪٽوبر جي آخر تائين مڪمل لهي وڃڻ ۽ شگر ملز وقت سر هلڻ ڪري ڪڻڪ جي  وڌيڪ زمين تي پوکي ٿي آهي، آبادگار هن وقت پاڻي بجاءِ ڀاڻ لاءِ پريشان آهن، ڀاڻ ملڻ جي صورت ۾ هيل ڪڻڪ جو بمپر فصل لهي سگهي ٿو

Leave A Comment