سنڌ سرڪار جو 507 گوسڙو ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون: 39 برطرف: 54 مستعفي

جُولاءِ 4, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار پاران صحت کاتي ۾ سالن کان غيرحاضر رهندڙ عادي گوسڙو ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون،507 ڊاڪٽرن کي شوڪاز نوٽيس جاري، 39 ڊاڪٽر برطرف، ڪاررواين جي خوف سبب 54 عادي گوسڙو ڊاڪٽرن استعيفا ڏئي ڇڏي، 121 ڊاڪٽرن کي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، صحت کاتي 54 بااثر عادي گوسڙو ڊاڪٽرن کي کاتيوار معمولي سزا ڏئي وڏي سزا کان بچائي ورتو

 ان حوالي سان سنڌ صحت کاتي ۾سوين ڊاڪٽر سرڪاري پگھارون ۽ مراعتون وٺڻ باوجود ڪيترن ئي سالن کان نوڪرين تان غائب هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سرڪاري ڊاڪٽرن نوڪرين تان غائب هجڻ واري عرصي دوران مُلڪ کان ئي ٻاهر هجڻ کانسواءِ ٻين هنڌن تي نوڪريون ڪري رهيا آهن

 سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ جو شڪايتون وڌڻ بعد صحت کاتي جي اختيارين پاران گوسڙو ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي

صحت کاتي جي اختيارين 507 عادي گوسڙو ڊاڪٽرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن، جڏهن ته 121 ڊاڪٽرن پاران ٽن کان وڌيڪ شوڪاز نوٽيسن جا جواب نه ڏيڻ تي کين فائنل شوڪاز ڏنا ويا آهن،

سنڌ حڪومت 39 عادي گوسڙو ڊاڪٽرن کي لاڳيتو غيرحاضري ۽ شوڪاز نوٽيسن جا جواب نه ڏيڻ تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي، 54 ڊاڪٽرن صحت کاتي وٽ پيش ٿيڻ يا لکت ۾ غيرحاضري جي وضاحت ڏيڻ بجاءِ پنهنجون استعيفائون صحت کاتي کي موڪلي ڇڏيون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته استعيفائون ڏيندڙ اهي ڊاڪٽر مُلڪ کان ئي ٻاهر آهن

 ٻئي پاسي صحت کاتي جي اختيارين پاران 54 عادي گوسڙو ڊاڪٽرن کي بچائيندي کين نوڪرين تان برطرف ڪرڻ يا ٻيون سزائون ڏيڻ بجاءِ “معمولي سزا” ڏئي ٻيهر ساڳين عهدن تي بحال ڪرڻ جون به تياريون ڪيون ويون آهن، ان سلسلي ۾ صحت کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسپتالون فعال بڻائڻ جي لاءِ غيرحاضر رهندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪاروايون جاري رهنديون

سينيئر آئوٽ:  جونيئر ڊاڪٽرن کي ترقيون ڏيڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ سينيئر ميڊيڪل آفيسرن جون پوسٽون خالي پيل، گوسڙو ڊاڪٽرن پاران غيرحاضري سبب  ترقين ۾ دلچسپي نه وٺڻ سبب جونيئر ميڊيڪل آفيسرن کي مٿين گريڊن ۾ ترقيون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو

 ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سينيئر ميڊيڪل آفيسرن جون پوسٽون خالي پيل آهن، عادي گوسڙو ڊاڪٽرن پاران نوڪري وانگر ترقين ۾ به دلچسپي نه پئي ورتي وڃي، جنهن ڪري سينيئر ميڊيڪل آفيسرن جون پوسٽون ڀرجي نه سگھيون آهن، اهڙي صورتحال سبب صحت کاتي جي اختيارين سروسز کاتي کي خط لکي جونيئر ڊاڪٽرن کي مٿين عهدن تي ترقيون ڏيڻ لاءِ قانوني راءِ طلب ڪري ورتي آهي

عادي گوسڙو ۽ ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن جا ڊي ايچ اوز کان تفصيل طلب

صحت کاتي جي اختيارين پاران عادي گوسڙو ۽ ڊيوٽي ڪرڻ ۾ غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن جا ڊي ايچ اوز کان  تفصيل گھرايا ويا آهن

 ان حوالي سان سمورن ڊي ايچ اوز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته عادي گوسڙو، ڊيوٽي ڪرڻ ۾ غفلت ڪندڙ ۽ هر ٻئي ڏينهن موڪل ڪندڙ ڊاڪٽرن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن

 ذريعن موجب ته ڄاڻايل ڊاڪٽرن جا تفصيل ملڻ کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ سندن خلاف به ڪارروايون شروع ڪيون وينديون

Leave A Comment