سنڌ سرڪار جي سخاوت : 138 اي سيز لاءِ ڊبل ڪيبن گاڏيون خريداري جو فيصلو: 2 ارب جاري
سيپٽمبر 5, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار پرڳڻي جي 138 تعلقن ۾ مقرر 17هين گريڊ جي اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ 138 ڊبل ڪيبن گاڏيون خريد ڪرڻ جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي پاران گاڏين جي خريداري لاءِ ناڻي کاتي کي هڪ ارب 98 ڪروڙ 18 لک رپيا جاري ڪرڻ جي سفارش، ناڻي کاتي کان رقم ملڻ شرط سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو پاران 138گاڏين جي خريداري ڪئي ويندي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ سرڪار پاران 16 سالن کانپوءِ پرڳڻي جي 138 تعلقن جي 17هين گريڊ جي اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ فور باءِ فور لگزري ڊبل ڪيبن گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي منظوري کانپوءِ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين ڪالهه ناڻي کاتي کي خط لکي اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ 138 ڊبل ڪيبن گاڏيون خريدڻ لاءِ هڪ ارب 99 ڪروڙ 18 لک رپيا جاري ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪري ڇڏي آهي. ناڻي کاتي کي لکيل خط ۾ وڏي وزير ۽ سنڌ ڪابينا جي منظوري جو حوالو پڻ ڏنو ويو آهي. ڄاڻ موجب ناڻي کاتي کان رقم جاري ٿيڻ کانپوءِ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو پاران سينٽرلائيزڊ سسٽم وسيلي گاڏين جي هڪ وقت خريداري ڪئي ويندي. واضح رهي ته سنڌ سرڪار ڄاڻايل گاڏين جي خريداري لاءِ هلندڙ مالي سال 2024_25ع ۾ بجيٽ پڻ مختص ڪئي هئي.
ڍل، عشر ۽ زرعي ٽيڪس جي پڙتال ڪندڙ 138 مختيارڪار به سٽجي ويا
ڪراچي: ڍل، عشر ۽ زرعي ٽيڪس جي پڙتال لاءِ فيلڊ جا چڪر ڪاٽيندڙ 138 تعلقي مختيارڪارن کي نيون گاڏيون نه ملنديون
پراڻين گاڏين جي نيلامي يا روينيو جي فيلڊ آفيسرن کي ڏيڻ جو فيصلو
ڪراچي: 138 نيون گاڏيون خريدڻ بعد اسسٽنٽ ڪمشنرن وٽ موجود پراڻين گاڏين جي نيلامي يا روينيو جي ٻين فيلڊ آفيسرن حوالي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ سرڪار پاران اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ نيون گاڏيون خريد ڪرڻ کانپوءِ سندن پراڻيون ناقابلِ استعمال سرڪاري گاڏيون نيلام ڪيون وينديون، جڏهن ته هلي سگهندڙ گاڏين کي مرمت بعد روينيو جي فيلڊ آفيسن ۾ استعمال ڪيو ويندو.
ڪمشنر آفيسن ۾ مقرر 12 اسسٽنٽ ڪمشنر لگزري گاڏين کان محروم رهندا !
ڪراچي: ڪمشنر آفيسن ۾ مقرر ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنر وڏين گاڏين کان محروم رهندا ! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ جي 6 ڊويزنن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، شهيد بينظيرآباد ۽ سکر جي ڪمشنرن جي آفيسن ۾ مقرر ٿيل 12 اسسٽنٽ ڪمشنر (جنرل) ڊبل ڪيبن گاڏين کان محروم رهندا. هر ڪمشنر آفيس ۾ 2 اسسٽنٽ ڪمشنر (جنرل) مقرر ٿيل هوندا آهن، جن لاءِ نيون گاڏيون نه ملنديون رڳو تعلقي سطح تي يعني فيلڊ آفيسر طور مقرر اسسٽنٽ ڪمشنر ڊبل ڪيبن گاڏين جو مزو ماڻي سگهندا.