سنڌ سرڪار جي وڪيل پاران معذرت: ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

سنڌ سرڪار جي وڪيل پاران معذرت: ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، سنڌ حڪومت جي وڪيل بئرسٽر صلاح الدين احمد وڪالت نامو واپس وٺي ڇڏيو، ايڊووڪيٽ ان رڪارڊ رفاقت علي عدالت کي استدعا ڪئي ته اسان کي نئون وڪيل ڪرڻ جي لاءِ وقت ڏنو وڃي، وفاقي آئيني عدالت استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي هلائي، درخواستگذار منور علي طرفان وڪيل آصف علي ٽالپر عدالت آڏو پيش ٿيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ ڪارونجهر جبل کي ورثو قرار ڏيندي ڪٽائي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو، سنڌ حڪومت فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي، 2 ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت جي وڪيل بئرسٽر صلاح الدين احمد ڪيس جي پيروي ڪرڻ کان معذرت ڪئي هئي