ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال سنڌ سرڪار کي نوڪريون وڪرو ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته مودي وارو ڪم بلاول جي پ پ سنڌ ۾ ڪري رهي آهي
ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ پريس ڪانفرنس ڪئي، مصطفيٰ ڪمال چيو ته پيپلزپارٽي 15 ورهين جي حڪومت ۾ سنڌ کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجهيو آهي، سنڌ سرڪار ميرٽ بدران رشوت وٺي سرڪاري نوڪريون ورهائي رهي هئي، جنهن کي ايم ڪيو ايم روڪرايو، سنڌ هاءِ ڪورٽ نوڪرين جي حوالي سان اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو
هن چيو ته سنڌ جا آفيسر غيرقانوني ڪم کان پاسو ڪن، نيب ۾ سنڌ حڪومت بچائڻ نه ايندي ۽ ايم ڪيو ايم اوهان جو پيڇو نه ڇڏيندي، مصطفيٰ ڪمال چيو ته والاريل ڪشمير ۾ نريندر مودي وارو ڪم بلاول جي پ پ سنڌ ۾ ڪري رهي آهي، ڪشميرين جيان سنڌ جي شهرين کي به اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي
هن چيو ته شهري آباديءَ جي نوڪرين واري ڪوٽا تي به ڌاڙو هنيو پيو وڃي، ڊجيٽل آدمشماري ۾ ڪراچيءَ جا 60 لک ماڻهو نه ڳڻيا ويا، ايم ڪيو ايم وزيراعظم آڏو ڪيس رکيو ۽ ڪراچي جي آبادي ۾ 60 لک جو اضافو ٿيو
فروغ نسيم چيو ته سنڌ سرڪار پراڻين تاريخن ۾ 50هزار ماڻهو ڀرتي ڪرڻ پئي وڃي، پابندي باوجود ڀرتيون ڪرڻ وڏي عدالتي توهين هوندي، هن چيو ته ڀرتيون ڪندڙ آفيسرز خلاف نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کي خط لکيو آهي، 16هين، 17هين ۽ 18هين گريڊ جي آفيسرز جون ڀرتيون به بنا امتحان جي ڪيون پيون وڃن، سنڌ ۾ غيرقانوني ڀرتين تي عدليه ۽ نيب ايڪشن ضرور کڻندي