ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه چيو آهي ته حڪومت سامونڊي پٽي مان ماڻهن جي منتقلي لاءِ تيار آهي، طوفاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظاميا الرٽ آهي.
لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج جي مدد به وٺنداسين.
پريس ڪانفرنس دوران مراد شاهه چيو ته ٺٽي، بدين سجاول جو سڀاڻي دورو ڪري سگهان ٿو.
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سامونڊي پٽيءَ تي نظر آهي، ماڻهن کي طوفان کان بچائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا ويا آهن.
جاري ڪيل ٽوئٽ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ انتظاميا الرٽ آهي، سرڪاري ملازمن کي به الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيو ويون آهن.