ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار سمورن کاتن ۾ ڀرتين تي لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته عيد کانپوءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽيز جي ڀرتين جو اعلان ڪيو ويو آهي
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ مختلف معاملا غور هيٺ آيا
ان موقعي تي ڪابينا سمورن کاتن ۾ ڀرتين تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن بعد قانون واري وزير ۽ ايڊوڪيٽ جنرل کي عدالتن ۾ ڀرتين تي لڳل پابندي ختم ڪرائڻ جي هدايت ڪئي
اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته عيد کانپوءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽيز جي ڀرتين جو عمل شروع ڪيو ويندو
اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا لاڙڪاڻو يونيورسٽي لاءِ 4 سئو ملين روپين جي منظوري به ڏني، ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته پرائمري اسڪول ٽيچرز ۽ جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز جي ڀرتين تان به پابندي ختم ڪئي وئي آهي
سندس چوڻ هو ته ڪواليفاءِ ڪندڙ اميدوار پنهنجا دستاويز تيار ڪري رکن، عيد کانپوءِ ڀرتيون شروع ڪيون وينديون، آگسٽ 2023 ۾ سنڌ ۾ ڀرتين تي پابندي لڳائي وئي هئي