سنڌ سرڪار سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ٺاهڻ واري معاملي تي سخت اعتراض واري ڇڏيا

نومبر 21, 2024

سنڌ سرڪار سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ٺاهڻ واري معاملي تي سخت اعتراض واري ڇڏيا، نون ڪينالن وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو، سنڌ جي بين الصوبائي رابطن واري کاتي گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته سنڌ سڪي پئي، وفاق وري نوان ڪينال ٺاهي رهيو آهي، جيڪي ڪئنال ڪڍڻ جا منصوبا آهن، انهن لاءِ پاڻي ڪٿان کان بچائي انهن ڪئنالن ۾ ڇڏيو ويندو؟ خط ۾ چيو ويو آهي ته چولستان ڪئنال جيڪو 4 هزار ڪيوسڪ جو آهي، 6 لک زمين آباد ڪندو، سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، نوان ڪئنال ڪڍڻ جي ضرورت ناهي، ڪهڙن ڪئنالن مان پاڻي بچائي چولستان ڪئنال ۾ ڇڏيو ويندو، ڊائون اسٽريم ۾پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ سبب سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ اهو تيزي سان سلسلو جاري آهي، فيبروري 2024ع جي ايڪنڪ جي ميٽنگ جي فيصلي جو حوالي ڏيندي سنڌ حڪومت چيو آهي ته پاڻي معاملي بابت جيڪڏهن ڪنهن به صوبي کي اعتراض هوندو ته اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾رکيو ويندو، سي سي آءِ جي ايندڙ گڏجاڻي ۾ اهو معاملو ايجنڊا ۾شامل ڪيو وڃي

Leave A Comment