سنڌ سرڪار لينڊ يوٽيلائيزيشن ميمبر سليم بلوچ کي هٽائي ڇڏيو

سنڌ سرڪار لينڊ يوٽيلائيزيشن ميمبر سليم بلوچ کي هٽائي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار روينيو کاتي جي ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، 20هين گريڊ جي ميمبر سليم بلوچ کي عهدي تان هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. جڏهن ته 20هين گريڊ جو آفيسر صفدر ٻگهيو ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن مقرر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.