سنڌ سرڪار محر م الحرام دوران 143 عالمن جي چرپر ۽ تقريرن تي پابندي لڳائي ڇڏي
جُولاءِ 6, 2024
سنڌ سرڪار محر م الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ 143 عالمن جي چرپر ۽ تقريرن تي پابندي لڳائي ڇڏي
پابندي 60 ڏينهن لاءِ هوندي، نوٽيفڪيشن جاري، نوٽيفڪيشن موجب پابندي هيٺ آيل عالم هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي نه وڃي سگهندا، نوٽيفڪيشن ۾ ٻين صوبن جي عالمن جا نالا به شامل
پابندي مڙهيل عالمن ۾ علامه ساجد نقوي، محمد احمد لڌيانوي، مولانا طارق مسعود، مولانا خالد حسين ۽ ٻيا شامل، پابندي آءِ جي سنڌ جي سفارش تي لاڳو ڪئي وئي